ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرمنلز سنڌ جي ٻهراڙي، بلوچستان ۽ ٻين علائقن مان اچن ٿا: پوليس چيف

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي پوليس چيف عمران يعقوب منهاس چيو آهي ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرمنل اندرون سنڌ، بلوچستان ۽ ملڪ جي ٻين حصن مان اچي رهيا آهن.ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل (اي آءِ جي) ڪراچي عمران يعقوب چيو آهي ته ڏوهاري عيد جي سيزن کي ڪراچي  ۾ وڏي مارڪيٽ وانگر ڏسن ٿا، عيد جي موسم ۾ ڪراچي ۾ 3 کان 4 لک فقير ايندا آهن.هن چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرمنل اندرون سنڌ، بلوچستان ۽ ملڪ جي ٻين حصن مان اچن ٿا. هن چيو ته روايتي طريقن سان ڏوهن جو پتو نه ٿو پوي، اسان کي جديد طريقن ڏانهن وڃڻو پوندو. عمران يعقوب چيو ته ڪراچي ۾ وڌيڪ ڪيمرائون لڳايون وڃن ته جيئن جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي سگهي. واضح رهي ته ڪراچي ۾ رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي واقعن ۾ مارجي ويلن جو انگ 19 ٿي ويو آهي ۽ هلندڙ سال هن وقت تائين 55 کان وڌيڪ ماڻهو ڦر جي مزاحمت تي مارجي چڪا آهن.

  • ڪراچي ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ لاڙڪاڻي واسي سڪيورٽي گارڊ قتل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ لاڙڪاڻي واسي سڪيورٽي گارڊ قتل ٿي ويو، غريب آباد جي اسحاق آباد واري علائقي ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ لاڙڪاڻي واسي سڪيورٽي گارڊ قتل ٿي ويو، پوليس موجب 2موٽرسائيڪلن تي سوار 4 هٿياربند شهرين کان ڦر ڪري رهيا هئا ته رينجرز پهتي، پوليس عملدارن ٻڌايو ته ڦورن موٽرسائيڪل ڇڏي سوسائٽي ۾  داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته کين سڪيورٽي گارڊ روڪيو، پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته هٿياربندن جي فائرنگ ۾  لاڙڪاڻي واسي سڪيورٽي گارڊ  واحد مارجي ويو

  • ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ واڌ جو اعتراف، ڌاڙيلن خلاف خطرناڪ آپريشن ٿيندو: ضياء الحسن لنجار

ڪراچي (رپورٽر) صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته ڪچي جي ڌاڙيلن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو هڪڙو موقعو ڏيون ٿا، عيد کانپوءِ خطرناڪ آپريشن شروع ٿيندو، صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار جون ڪراچي  جي مختلف علائقن جو دورو ڪرڻ دوران ميڊيا ڳالهائيندي چيو ته رياست پنهنجي رٽ قائم ڪري ڏيکاريندي، ايم ڪيو ايم سستي شهرت ماڻڻ لاءِ بيان بازي ڪري رهي آهي، صوبائي گهرو وزير ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي واقعن ۾ واڌ جو اعتراف ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال تي ڪنٽرول ڪري وٺنداسين، هن چيو ته آئين موجب فوج رڳو جنگي حالتن ۾ گهرائي ويندي آهي، پوليس پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي ۽ آءِ جي سنڌ گهوٽڪي ۾ موجود آهي، آءِ جي سنڌ ڪچي جي صورتحال ڏسي رهيو آهي، ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪجهه وقت لڳندو، يقين آهي ته اسان صورتحال تي ڪنٽرول ڪري وٺنداسين، ڪنهن به ڏوهاري قسم جي ماڻهو کي بخش نه ڪيو ويندو جنهن به علائقي ۾ ڏوهه ٿيندو اتان جي پوليس آفيسر جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

  • اميد آهي ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي جلد ڪنٽرول ڪري وٺنداسين: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (م ڊ) سڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پراميد آهيون ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي جلد ڪنٽرول ڪري وٺنداسين،  نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته رينجرز کي اختيار آهن ۽ اها ڪارروايون به ڪري رهي آهي، هن چيو ته ايئن ناهي ته ڪٿي اسٽريٽ ڪرائم ٿي رهيو هجي ۽ رينجرز نٿي اچي سگهي، اسمارٽ سيف سٽي متعلق ڪم شروع ٿي چڪو آهي، ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال پهريان کان بهتر ٿي آهي، اميد آهي ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائمز تي جلد ڪنٽرول ڪري وٺنداسين.

  • ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم، ايم ڪيو ايم پاران قومي اسيمبلي ۾ مذمتي ٺهراءُ جمع

ڪراچي(م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان قومي اسيمبلي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ شهرين جي قتل خلاف مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرائي  ڇڏيو آهي.ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ميمبر فرحان چشتي پاران قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايل قرارداد ۾ ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي واقعن ۽ شهرين جي فوتگين ۾ واڌ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي.ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي، رياست پنهنجي ذميواري ڪڏهن پوري ڪندي؟، سنڌ حڪومت شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، وزيرن جا بيان زخمن تي لوڻ  ٻرڪڻ برابر آهن..هن ايوان کان مطالبو ڪيو ته هن سنگين معاملي جو نوٽيس وٺي وزيراعظم ۽ گهرو وزير سخت حڪم جاري ڪن، ٺهراءُ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته ڦر جي واقعن ۾ مارجي ويلن جي وارثن کي 50-50 لک رپيا معاوضو ڏنو وڃي، سرڪاري نوڪريون ڏنيون وڃن ۽ ٻارن جي تعليم جو خرچ برداشت ڪيو وڃي. قرارداد ۾ چيو ويو ته معاشي حب هجڻ باوجود ڪراچي کي سيف سٽي کان ڇو محروم رکيو پيو وڃي، ڪراچي کي ڪيمرائن جي جديد نظام کان محروم رکڻ جا ڪهڙا مقصد آهن؟ٺهراءَ ۾ ايس ايڇ اوز ۽ پوليس اهلڪارن خلاف به ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي جيڪي پنهنجن علائقن ۾ ڏوهن کي روڪڻ ۾ ناڪام آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.