شهيد نذير عباسي کي سالگرهه تي ڀيٽا پيش،سندس مشن جاري رکڻ جو عزم

ڪراچي (رپورٽر)شهيد  نذير  عباسي جي شهادت  27هين رمضان جي مهيني ۾ ٿي هئي ۽ اتفاق سان هن سال  سالگرهه ۽ شهادت  جون تاريخون گڏجي  آيون آهن پر اسان اڄ  شهيد نذير عباسي جو  جنم ڏينهن  شاد ماني طور  تي ملهائڻ لاءِ هتي  ڪٺا ٿيا آهيون، اسان جا ڏک ۽ سک سڀ انقلابي جدوجهد سان سلهاڙيل آهن ۽ شهيد نذير عباسي جي سالگرهه انقلاب جي نويد طور  هر سال ظاهر ٿيندي آهي. اهڙو  اظهار شهيد  نذير عباسي جي جيون ساٿياڻي حميدهه گهانگهرو شهيد نذير عباسي جي 71 هين سالگرهه جي موقعي تي ڪيو، ان موقعي تي شهيد نذير عباسي جي انقلابي ساٿين ، دوستن، مداحن ۽ عوامي آواز  ميڊيا گروپ جي سٿ  پنهنجي عظيم انقلابي اڳواڻ کي سرخ سلام پيش ڪيو ۽ سندس ساروڻيون ونڊيون. ڪامريڊ غلام اڪبر   چيو ته شهيد نذير عباسي کي مون انقلاب تي بيحد چٽو  ۽ اڻ موٽ ڏٺو، سندس اها چٽائي مونکي هميشه ياد رهندي آهي ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته نظرياتي رشتا رت جي رشتن کان به  وڌيڪ مضبوط ٿيندا آهن، شهيد نذير عباسي سان نظرياتي، ذاتي ۽ خانداني تعلق هو، جيڪو رشتو رت جي رشتن کان وڌيڪ آهي، غلام نبي چانڊيي چيو ته  مونکي ائين لڳندو آهي ڄڻ اسان سڀ نذير عباسي جا مجرم آهيون سندس قرباني ڄڻ ضايع ٿي وئي آهي اڄ نظرياتي جنون ناهي رهيو، بس هڪ شوق وڃي بچيو آهي سو اسان وڃايو گهڻو آهي حاصل گهٽ ئي ڪيو آهي، ڊاڪٽر توصيف احمد شهيد نذير عباسي سان سلهاڙيل يادن جو ذڪر ڪندي کيس ثابت قدم انسان قرار ڏنو، شهيد نذير عباسي جو ڪيس وڙهندڙ غلام محمد جدون ايڊووڪيٽ چيو ته شهيد جو ڪيس وڙهڻ اسان جو فرض آهي، هن چيو ته شهيد جي جدوجهد واري پيغام کي هر دور ۾ وڌائڻ جي ضرورت آهي، ورثا پيرزاديءَ چيو ته اهو غلط آهي ته ڪو شهيد نذير عباسي جي جدوجهد ضايع ٿي آهي، سندس انقلاب جدوجهد اڄ به نئين نڪور نسل وٽ مشن طور منتقل ٿيل آهي،يونس مهر چيو ته جيستائين طبقاتي نظام ۽ قومي جبر قائم آهي تيستائين شهيد نذير عباسي جي جدوجهد جاري رهندي،هن چيو ته شهيد نذير عباسي شاهه عنايت ۽ مخدوم بلاول جي شهادتن جو تسلسل هو، ان موقعي تي عبدالخالق زردان ۽ زرار پيرزادي پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ ناصر خٽڪ، مدثر سنگراسي ۽ عوامي آواز جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شهيد نذير عباسي جي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.