سينيٽ چيئرمين شپ:پ پ ۽ ن ليگ اسٽيبلشمينٽ کي پٺتي هجڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو؟

لاهور(عوامي آواز نيوز) اسٽيبلشمينٽ جي شديد ترين خواهش جي باوجود انوارالحق ڪاڪڙ سينيٽ جو چيئرمين نه بڻجي سگهيو، نوازشريف جي سياسي تدبر يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي پ پ کان وڌيڪ ن ليگ جي ڪاميابي آهي، ان چڪر ۾ ن ليگ پنهنجي لاءِ هڪ اهم ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي،نوازشريف ڪو جملو ڳالهائڻ ۽ بنا ڪنهن سياسي جوڙ توڙ کانسواءِ / اسٽيبلشمينٽ کي پٺتي هٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي،انوارالحق ڪاڪڙ کي سينيٽ چيئرمين بڻائڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ پاران صدر آصف علي زرداري سان باضابطا رابطو به ڪيو ويو هو، ن ليگ کي شڪايت آهي ته انهن کي حڪومت ته ملي آهي پر اختيار نه مليا آهن، اسٽيبلشمينٽ پنهنجي نمائندن کي وفاقي ڪابينا ۾ مقرر ڪرايوآهي، ان صورتحال ۾ ن ليگ ۽ نوازشريف مطمئن نه هئا، ذريعن موجب اسٽيبلشمينٽ پاران سينيٽ چيئرمين جي عهدي تي پنهنجو ماڻهو رکرائڻ جي موقعي تي پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ هڪ خاموش معاهدو ٿي ويو،تازن ڏينهن ۾ راڻا ثناءُ الله وفاقي گهرو وزير محسن نقوي تي تنقيد ڪري رهيو آهي، افنان الله خان۽ جاويد لطيف به اسٽيبلشمينٽ جي رول تي تنقيد ڪندي نظر پيا اچن، مريم نواز به وفاق کي خط لکي آگاهه ڪيو آهي ته وفاق کي پنجاب مان ڪنهن آفيسر جي ضرورت هجي ته باقاعده لکت ۾ آگاهه ڪيو وڃي، اسٽيبلشمينٽ حامي صحافين ڪيترائي ڀيرا لکيو ته يوسف رضا گيلاني سينيٽ چيئرمين بڻجندو،پر اهي سڀ ٽوئٽس،اندازا ۽ تجزيا غلط ثابت ٿيا، نوازشريف اسٽيبلشمينٽ جي رستي ۾ هڪ ديوار بيهاري ڇڏي آهي ۽ هاڻي ٿي سگهي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجا قدم پوئتي ڪري ڇڏي، ڪٺ پتلين ذريعي موجوده حڪومت هلائڻ تي نوازشريف مڃڻ لاءِ تيار ناهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.