اسلام آباد(م ڊ) نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي جو وزيراعظم شهباز شريف کي خط، ملالا يوسفزئي شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني.ملالا يوسفزئي خط ۾ لکيو ته پاڪستان کي مستقبل ۾ ڪافي مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اميد آهي اوهان جي قيادت ۾ ملڪ ترقي ڪندو. حڪومت کي پاڪستان ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي. گذريل ڏهاڪي ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي.خط ۾ لکيو ويو آهي ته ملالا فائونڊيشن پاڪستان ۾ تعليم کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ ڏيڍ ڪروڙ ڊالر فراهم ڪيا. پاڪستان هن وقت جي ڊي پي جو 2 سيڪڙو کان به گهٽ تعليم تي خرچ ڪري رهيو آهي. چاهيون ٿا ته پاڪستان ۾ اها شرح چار سيڪڙو تائين وڌائي.ملالا يوسفزئي وڌيڪ لکيو ته حڪومت پنهنجي پهرين هڪ سئو ڏينهن جي ترجيحات ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي وڌيڪ ڌيان ڏئي.