اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته ملڪ ۾ هلندڙ ڪيپٽو پاور پلانٽس جي گيس جي قيمت ٻاهران ايندڙ آر ايل اين جيتري ڪئي وڃي. صنعتي پاور پلانٽس ڪيپٽو کي حڪومت طرفان سستي گيس فراهم ڪئي وڃي ٿي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ ڳالهين جي ڪوريج ڪندڙ سينيئر صحافي شهباز رانا ٻڌايو ته آءِ ايم ايف اهو مطالبو ڪافي عرصي کان ڪري رهيو آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو پاڪستان کي قرض ڏيڻ جو فيصلو ٿي ويو آهي ۽ ان تي ايندڙ مالي سال ۾ عمل ڪيو ويندو.هن چيو ته ان فيصلي سان انهن صنعتن کي نيشنل گرڊ سان ڳنڍيو ويندو ته جيئن ملڪ ۾ موجود اضافي بجلي کي استعمال ۾ آڻي سگهجي ۽ ٻئي طرف ان گيس کي ٻين پيداواري شعبن ڏانهن منتقل ڪري سگهجي.