سينيٽ چيئرمين جي اڄ چونڊ،پي ٽي آءِ جو نئون بيانيو

لاهور(عوامي آواز نيوز) سينيٽ چيئرمين لاءِ اسٽيبلشمينٽ پاران انوارالحق ڪاڪڙ اميدوار آهي، پ پ يوسف رضا گيلاني کي ان عهدي لاءِ نامزد ڪري چڪي آهي، پ پ پنهنجي اميدوار جي ڪاميابي لاءِ سياسي طور متحرڪ ٿي وئي آهي، مختلف اڳواڻن سان رابطا شروع ڪيا ويا آهن، پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته چيئرمين سينيٽ ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ٿيڻ ناهي ڏيڻي ۽ ان چونڊ جي حوالي سان نئون سياسي بيانيو مارڪيٽ ۾ آندو ويندو،عدالتي محاذ تي به ان معاملي کي کڻڻو آهي،سوشل ميڊيا تي اهو گوڙ ڪيو پيو وڃي ته هڪ صوبي جي نمائندگي نه هوندي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي چونڊ وفاق پاڪستان لاءِ خطرو آهي، سينيٽ اڻ مڪمل هئڻ باوجود چونڊ ننڍن صوبن سان زيادتي آهي، ان فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي، اڄ سينيٽ جو اجلاس ٿيندو جنهن ۾ نوان چونڊيل سينيٽر حلف کڻندا جنهن کان پوءِ سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ٿيندي، سينيٽ ۾ پارٽي پوزيشن جي لحاظ کان 24 ميمبرن سان پاڪستان پيپلز پارٽي پهرين نمبر تي آهي،ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ 19-19 ميمبرن سان ٻئي نمبر تي آهن، اسحاق ڊار کي پريزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي،پ پ سان جيڪڏهن ن ليگ يا پي ٽي آءِ اتحاد ڪيو ته پ پ لاءِ سينيٽ چيئرمين بڻائڻ تمام آسان ٿي ويندو،ڪي پي جي 11 سيٽن تي نتيجو اڃا روڪيل آهي، انوارالحق ڪاڪڙ اڃا تائين نامزدگي ڪاغذ جمع نه ڪرايا آهن،پي ٽي آءِ لاءِ سينيٽ چيئرمين جي چونڊ روڪرائڻ وڏو امتحان هوندو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي عدالت ذريعي سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ روڪرائڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي آهي،هاڻي پي ٽي آءِ اليڪشن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي، پر جيڪڏهن بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جا نوان چونڊيل ميمبر حلف ڪيئن کڻندا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.