جنرل باجوا ۽ جنرل فيض حميد خلاف درخواست تي ايف آءِ اي کي قانون مطابق فيصلو ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي آرمي چيف جنرل(ر) قمر جاويد باجوه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجي خلاف ڪيس جي درخواست تي اعتراض واري ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ رٽائرمينٽ کان پوءِ قانوني رڪاوٽون ٽوڙڻ، لاپرواهي ڪرڻ ۽ مختلف واقعن کي غلط بيان ڪرڻ تي جنرل قمر جاويد باجوه، فيض حميد ۽ بين جي خلاف داخل ڪيس جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت جنرل باجوه جي اعتراضن جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪيو ۽ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. درخواستگذار جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته 6 مهينا اڳ چيو ويو هو ته درخواست داخل ٿي آهي. ڇهن مهينن کان پوءِ خبر پئي ته ايف آءِ اي کي درخواست ملي ئي نه آهي. جيڪا درخواست 6 مهينن کان پوءِ جمع ٿي ان جي ڪابه اهميت نه آهي ان کي د ڪرڻ گهرجي. ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته درخواست اچي وئي آهي ته اسان قانون موجب ڏسي فيصلو ڪنداسين جنهن تي عدالت ايف آءِ اي کي قانون موجب فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته  هي عام ڪيس آهي صحيح آهي، وڏا ماڻهو به هن ۾ آهن پر ايف آءِ اي کي پهريان ڏسڻو آهي ته ان ۾ ڪوڏوهه به ٺهي ٿو يا نه. ان کان اڳ 22-1 جو هڪ ڪيس آيو هو ان ۾ سينئر ججز آرڊر ڪيو هو.  جن سينئر ججز آرڊر مان انهن جو نالا نٿو کڻان پر مان اهو آرڊر نٿو ڪريان، پرچو ڏيو يا نه ڏيو. منهنجو اهو ڪم به نه آهي اهو ڪم ايف آءِ اي وارن جو آهي. خبر نه آهي ته سڀاڻي ايف آءِ چئي ڇڏي ته پرچو بڻجي ئي نٿو يا چئي ڇڏي ته پرچو بڻجي ٿو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته قانون ۽ قائدي موجب ايف آءِ اي کي انڪوائري جو فيصلو ڪرڻو هوندو آهي. اسان ڊائريڪٽ نٿا چئي سگهون ته پرچو ڪٽيو. ايف آءِ اي کي قانون ۽ قائدي موجب فيصلو ڪرڻ ڏيو. ضرورت پئي ته اسان ڊويزن بينچ کي به معاملو اماڻي سگهون ٿا. اهو به نه چوندس ته روزانو گهرائي تنگ ڪريو يا تنگ نه ڪريو، جيڪو به جاچ ۾ هوندو ان کي قانون ۽  قائدي موجب ڏٺو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.