سعودي عرب ۾ شوال جو چنڊ نظر نه آيو، عيدالفطر سڀاڻي ٿيندي

جدا ( م ڊ ) سعودي عرب ۾ شوال جو چنڊ نظر نه آيو، عيدالفطر  اربع تي ٿيندي.سعودي عرب ۾ شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مختلف شهرن جي رصد خانن ۾ اجلاس منعقد ڪيا ويا.ان کان علاوه سعودي سپريم ڪورٽ به شهرين کي چنڊ ڏسڻ جي اپيل ڪئي هئي پر ڪٿي به چنڊ ڏسڻ جو ڪو به شاهدي نه مليو.  چنڊ نظر نه اچڻ بعد پهرين شوال 1445 هجري اربع 10 اپريل تي ٿيندي. واضح رهي ته فلڪيات جي ماهرن سعودي عرب ۾ اربع تي عيد الفطر ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو هو.ٻئي پاسي قطر ، يو اي اي ۾ به شوال جو چنڊ نظر ناهي آيو، عيد اربع ڏهاڙي ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.