بجلي ۽ گيس جي اگهن مهانگائي جا اڌ صدي پراڻا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ تاريخي واڌ مهانگائي 50 سالن جي بلند سطح تي پهچي وئي آهي. هلندڙ مالي  سال مهانگائي جي شرح 26 سيڪڙو ۽ 2025ع ۾ 15 سيڪڙو ۽ 2026ع ۾ 11.5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. عالمي بئنڪ جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين اڌ ۾ مهانگائي 1974ع کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ هئي، بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ سان پيداواري لاڳت ۾ نمايان اضافو ٿيو. عالمي بئنڪ موجب پاڪستان ۾ مهانگائي ۾ واڌ جو وڏو سبب بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ اضافو آهي. ورلڊ بينڪ ايندڙ سال ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي جي اڳڪٿي ڪئي آهي. عالمي بئنڪ موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين اڌ ۾ شهري علائقن ۾ توانائي جي مهانگائي ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو، جيڪا 50.6 سيڪڙو رهي. جڏهن ته گذريل سال اها شرح 40.6 سيڪڙو هئي. گذريل سال ساڳئي عرصي ۾ ڪل مهانگائي جي شرح 25 سيڪڙو هئي. رپئي جو ملهه بهتر ٿيڻ، ملڪي فصلن جي پيداوار ۾ واڌ ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ گهٽتائي باوجود پاڪستان ۾ مهانگائي وڌي وئي. هلندڙ مالي سال پاڪستان ۾ مهانگائي جي سراسري شرح 26 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، جيڪا گذريل مالي سال 29.2 سيڪڙو هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.