حڪومت جو مهانگي سٽيل عوام لاءِ عيد جو تحفو، بجلي 4 رپيا 92 پئسا في يونٽ مهانگي

اسلام آباد ( آباد) حڪومت مهانگي سٽيل عوام لاءِ عيد جو تحفو ڏيندي بجلي 4 رپيا 92 پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي آهي، نيپرا هڪ مهيني لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 4 رپيا 92 پئسا في يونٽ واڌ ڪري ڇڏي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن موجب واڌ فيبروري جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي،صارف کي اپريل جي بجلي بلن ۾ اضافي ادا ڪرڻي پوندي، اگهن ۾ واڌ لائف لائن ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي صارف تي لاڳو نه ٿيندي، 2 هفتا اڳ به بجلي مهانگائي ٿي هئي.  نيپرا جي نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي قيمتن ۾ واڌ هلندڙ مالي سال جي ٻئي ٽه ماهي ۾ ڪئي وئي، اپريل، مئي ۽ جون ۾ صارفين کان اضافي چارجز وصول ڪيا ويندا. ياد رهي ته بجلي جي اگهن ۾ هي واڌو اهڙي وقت ۾ ڪيو ويو آهي جڏهن عالمي بئنڪ گذريل ڏينهن چيو هو ته پاڪستان ۾ بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ سان مهانگائي 50 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.