ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ ڪچي ۾ اغوا واقعن تي ڳڻتي آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيوآهي  ته هن انسپيڪٽر جنرل آف پوليس غلام نبي ميمڻ کي ڪچي واري علائقي جو دورو ڪرڻ ۽ اغوا ڪندڙن جي بازيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ موڪليو آهي. هن اها ڳالهه امن امان جي مسئلي تي وزيراعلي هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. جنهن ۾آءِ جي ڪراچي عمران يعقوب ، ڊي آءِ جي مقدس حيدر ۽ ٻن مغوي ماڻهن جي بازيابي لاءِ حصو وٺندڙ پوليس پارٽيءَ ايس ايس پي اي وي سي ظفر صديقي، ڊي ايس پي قيصر شاهه، انسپيڪٽر عابد حسين، سب انسپيڪٽر غلام رسول، ڪانسٽيبل طارق صمد، خاور يوسف، ليڊي پوليس ڪانسٽيبل محترمه عريشه ناز شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته هو شهر ۾ وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائم ۽ ڪچي ۾ اغوا جي وارداتن جي واقعن تي پريشان آهي ۽ پوليس رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان سهڪار ڪري ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ سخت قدم کنيا وڃن، هن بلديه مان ٻن ڄڻن کي ڪاميابي سان بازياب ڪرائڻ تي سٽي پوليس جي واکاڻ ڪندي چيو ته  پوليس فورس جي محنت ۽ جذبي کي هٿي وٺرائي شهر کي هڪ پرامن ۽ رهڻ لائق هڪ عظيم شهر بڻائڻو آهي. هن چيو ته شهر ۾ امن ۽ امان جي صورتحال مطمئن ڪندڙ ناهي. هن چيو ته مان ڄاڻان ٿو ته پوليس سخت محنت ڪري رهي آهي پر هاٽ اسپاٽ جتي ڏوهن جي شرح وڌيڪ آهي اتي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ ايڊيشنل آئي جي کي هدايت هدايت ڪئي ته اهڙن ٿاڻن کي مضبوط بڻايو وڃي جتي ڏوهن جي شرح وڌيڪ آهي. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي عمران يعقوب کي ٻڌايو ته شهر ۾ هر ڏينهن ڏوهن جي شرح 166 ڪيسز رڪارڊ ڪيو ويو آهي يعني هڪ ٿاڻي ۾ هڪ ڪيس کان به گهٽ آهي. هن چيو ته ٻين وڏن شهرن ۾ ڏوهن جي شرح وڌيڪ آهي پر تنهن هوندي وڏي پيماني تي چيڪنگ، گشت ۽ انٽيليجنس ذريعي صورتحال کي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته چورين ڦرن خلاف  مزاحمت ڪرڻ تي هر ڏينهن ماڻهو مري رهيا آهن،اها گهڻو ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي ۽ شهرين جي جان، آزادي ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. ۽ ايڊيشنل آءِ جي کي هدايت ڪئي ته سست ۽ نااهل آفيسرن کي بدلي ڪري محنتي پوليس آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي، ايڊيشنل آءِ جي پوليس عمران يعقوب وڏي وزير کي ٻڌايو ته آچر 7 اپريل 2024 تي بلديه نمبر 02 تي جديد سسٽم جي مدد سان ڪراچي ۾ فوڊ اسٽريٽ ڀرسان پلاٽ نمبر F.247 بلديا سائيٽ تي ڇاپو هنيو ويو. پوليس مقابلي دوران 4 اغواڪار صابر، عنايت رحمان، حضرت علي ۽ وحيد الله کي موقعي تي ئي گرفتار ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.