عالمي بينڪ پاران ٻن رٿائن لاءِ 14 ڪروڙ 97 لک ڊالر منظوري

اسلام آباد (م ڊ) عالمي بينڪ پاڪستان جي 2 منصوبن جي لاءِ 14 ڪروڙ 97 لک ڊالرز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. عالمي بينڪ جي بورڊ آف ايگزيڪٽو ڊائريڪٽرز پاڪستان جي ٻن منصوبن ڊيجيٽل اڪانومي ۽ ٻوڏ کان بچاءُ جي لاءِ 14 ڪروڙ 97 لک ڊالرز جي فنانسنگ جي منظوري ڏني آهي. ڊجيٽل اڪانومي اينهانسمنٽ پروجيڪٽ جي لاءِ 7 ڪروڙ 80 لک ڊالرز مقرر ڪيا ويا جن مان ٽيڪنالوجي ۽ ڊيٽا تي ٻڌل فيصلا سازي جي ذريعي مالياتي نظام کي بهتر بنايو ويندو ۽ سرڪاري ادارن جي ڊيجٽيلائزيشن جي بدولت اقتصادي ڪارڪردگي ۾ بهتري، هم آهنگي ۽ شفافيت کي هٿي ملندي. پاڪستان ۾ وڌندڙ ڊيجيٽل اڪانومي کي سپورٽ ڪرڻ معاشي ۽ سماجي ترقي جي لاءِ اهم حيثيت رکي ٿو. سنڌ جي بيراجن جي بهتري جي منصوبي لاءِ 7 ڪروڙ 17 لک ڊالرز رکيا ويا آهن جن سان ٻوڏ کان بچاءُ کي يقيني بنايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.