ڪوٽڙي ۾ گم ٿيل معصوم نينگري جو لاش هٿ، قتل جو شڪ ظاهر

ڪوٽڙي (رپورٽ : جبار ڪابورو) ڪوٽڙي هڪ ڏينهن اڳ لاپتا ٿيل اٺ سالن جي نينگري جو ڪچري جي ڍير تان لاش هٿ علائقي ۾ سوڳ وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو،ڪوٽڙي جي محمود شاھ ڪالوني جي رهواسڻ اٺ سالا  آسيا 2 ڏينهن اڳ افطاري کانپوءِ گهر کان نڪتي ته واپس نه موٽي،  وارثن مسلسل ڳولا  کانپوءِ حد جي ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ڪرائي هئي جنهن اڄ علائقي واسين ڪچري جي ڍير تي پيل لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، واقعي واري هنڌ سوين علائقي واسي گڏ ٿي ويا ايس ايس پي ڄامشورو سميت پوليس آفيسر واقعي واري هنڌ پهتا معصوم نياڻي جو لاش ڪوٽڙي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ٽن ڪلاڪن تائين لاش پيل رهيو ۽ اسپتال انتظاميان پوسٽ مارٽم کان لوائيندي رهي ٽن ڪلاڪن کانپوءِ متاثر نينگري جو لاش حيدرآباد منتقل ڪيو ويو جتي ضروري ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

  1. ڊي ايڇ ڪيو اسپتال عملي جي بي حسي، ڪيترائي ڪلاڪ لاش پيل رهيو

ڪوٽڙي:  ڪچري جي ڍير تان مليل نينگري وارو لاش ڊي ايڇ ڪيو ڪوٽڙي ۾ ڪلاڪن تائين پيل رهيو ڊاڪٽر نٽائيندا رهيا ڊاڪٽرن  پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ سامان جي پرچي نينگري جي والد کي ڏيندي چيو ته حيدرآباد مان وٺي اچو ته پوسٽ مارٽم ڪريون ٿا نينگري جو والد دانهون ڪندو رهيو سوشل ميڊيا تي ڇتي تنقيد اسپتال جي ڪروڙين روپيا بجيٽ هڙپ ڪئي وڃي ٿي معصوم نياڻي جي پوسٽ مارٽم جو سامان به اسپتال وٽ موجود ناهي.

  1. ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، نياڻي کي قتل ڪري ظلم ڪيو ويو:والد

ڪوٽڙي: نينگري جي والد لياقت علي جو چوڻ آهي ته نياڻي افطاري کانپوءِ گهر کان نڪتي ته واپس نه آئي مسلسل ڳولا کانپوءِ حد جي ٿاڻي تي  اين سي ڪرائي پوليس ڪي جوڳا قدم کڻي ها ته نياڻي بچي پوي ها هن چيو ته مونسان وڏو ظلم ٿيو آهي نياڻي کي قتل ڪيو ويو آهي انصاف ڪيو وڃي،

  1. ايس يو پي ليڊيز ونگ اڳواڻ ياسمين ٿيٻو متاثر نياڻي جي وارثن وٽ پهتي،تعزيت

ڪوٽڙي:  سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ليڊيز ونگ جي  مرڪزي صدر ياسمين ٿيٻو متاثر نياڻي جي وارثن وٽ پهچي وئي سندس چوڻ هو ته مسلسل بدامني کانپوءِ معصوم ٻار به محفوظ ناهن رهيا چونڊيل نمائندا پنهنجي ماڻهن جي مالڪي ڪرڻ بجاءِ  پوليس کان ڪمداري وارو ڪم وٺن پيا هي واقعو تمام وڏو آهي جنهن انسان جي روپ ۾ حيوانن کي پڌرو ڪيو آ هن چيو ته پوليس فوري طور هن معاملي جون حقيتون سامهون آڻي ٻي صورت ۾ خاموش نه ويهنداسين، ان موقعي تي ساڻس نازيه سولنگي پڻ موجود هئي.

  1. واقعو افسوسناڪ آهي، جلد قاتلن تائين پهچي وينداسين: ايس ايس پي ڄامشورو

ڪوٽڙي : ايس ايس پي ڄامشورو محمد طارق نواز جو  چوڻ آهي ته واقعو افسوس ناڪ آهي جنهن جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي ڊاڪٽرن جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ جاچ ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي اسان جي ٽيمن ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي  جلد معاملي جون اصل حقيقتون آڻينداسين. ٻئي پاسي ڪوٽڙي پوليس جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن موجب ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾تشدد جو ڪو به نشان ناهي، ذريعن موجب ڄاڻايل معاملي تي پوليس شڪ جي بنياد تي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي،

  1. معصوم آسيه کي ڪهڙي ڏوهه ۾ قتل ڪيو ويو: قومي عوامي تحريڪ

ڪراچي اوڀر(ن ع آ)قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ ڪوٽڙي ۾ پيش آيل معصوم جي قتل جي ۽ ڪوٽڙي  اسپتال جي عملي جي پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان انڪار جي مذمت ڪندي چيو آھي ته سنڌ ۾ معصوم ٻارن جو گھر کان ٻاھر نڪرڻ موت جو ۽ اغواڪاريءَ جو سبب بڻايو ويو آھي،ھن معصوم نياڻيء جو ڪھڙو قصور ھو جو ھن کي ائين ماري ڪري گند جي ڍير ۾ اڇلايو ويو آھي ۽ مٿان اسپتال جو عملو چوي پيو ته اسان وٽ سامان ڪونھي جو اسان پوسٽ مارٽم ڪيون ڪجھ ڏينهن پھرين خورشيد شاھ  ۽ نثار کھوڙو صاحب پريا ڪماريء جي گم ٿيڻ واري معاملي تي بيان ڏيندي چيو ته پرياڪماري گم آھي اڍائي سالن پر توھان ھاڻي اچي ان معاملي کي ڇو کنيو اٿو، کھڙي کان فضيلا سرڪيء جو نالو وسري ويو

  1. سنڌ ۾ قانون صرف حڪمران طبقي لاءِ آھي:اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪوٽڙي ۾ معصوم نياڻي آسيه جي قتل واقعي جي مذمت ڪندي  قاتلن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي،هن چيو ته افسوس آھي جو سنڌ کي معصوم نياڻين ۽ ٻارن لاءِ مقتل گاھ بنايو ويو آھي. ھر ڏينھن ڪو نه ڪو سانحو ٿئي ٿو. ڪڏھن فاطمه ڦرڙو ته ڪڏھن پريا ڪماري، ڪڏھن فضيلا سرڪي ته ڪڏھن ڪو ٻار اغوا ڪري گم ڪيو وڃي ٿو يا قتل ڪري قيامت برپا ڪئي وڃي ٿي،هن چيو ته ڪوٽڙي ۾ معصوم آسيه ھڪ ڏينھن گم ٿي ۽ ٻي ڏينھن ڪچري تان سندس لاش ھٿ آيو. سنڌ ۾ قانون صرف حڪمران طبقي لاءِ آھي. تحفظ صرف بيوروڪريٽس ۽ امير طبقي کي حاصل آھي. باقي مزدور، پورھيت، ھاري، غريب، اقليتي طبقي جا ماڻھو ننڌڻڪا، لاوارث ۽ بي واھا بڻيل آھن. انھن قتل، اغوا يا انھن کان ڦر ڪاروبار بنيل آھي. نه قانون حرڪت ۾ اچي ٿو، نه جوابدار گرفتار ٿين ٿا پيپلز پارٽي جي حڪمراني سنڌ کي المين جي سرزمين ٺاھي ڇڏيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.