اسلام آباد ۾ پرڏيهي عورت سميت 5 شهرين کي يرغمال بڻائڻ بعد ڦرلٽ

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گاڌي واري هنڌ اسلام آباد ۾ سوئيس سفارتخاني جي عورت سميت 5 پاڪستانين کي 6 ڪلاڪن  تائين يرغمال بڻائڻ  کان پوءِ لٽيو ويو، پوليس ذريعن ٻڌايو ته هڪ پرڏيهي عورت ۽ ان جي 5 پاڪستاني ساٿين گولڙه ٿاڻي جي حد ۾ شاهه الله ڏتا جي ويجهو پنهنجو گاڏيون پارڪ ڪيون ۽ پوءِ هائيڪنگ ڪندي  اسٽوپا طرف وڃي رهيا هئا ته ڦورن هٿيارن جي زور تي مارگلا هلز ۾  روڪي ورتو، پوليس مطابق ڦورن موبائل فون، گهڙيون کسي ورتيون ۽ عورتن سميت 4 ڄڻن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ۽ ٻن ڄڻن کي  ڇڏي ڏنو، جوابدارن جن ٻن ڄڻن کي وڄڻ جي اجازت ڏني اي ٽي ايم مان رقم ڪڍڻ تي مجبور ڪيو۽ خبردار ڪيو۔

ته جيڪڏهن انهن پوليس  کي اطلاع ڏنو ته سندس ساٿين کي قتل ڪيو  ويندو، ٻن ماڻهن ايم ٽي ايم کان هڪ لک 20 هزار ڪڍيا ۽ رقم ڦورن جي حوالي ڪري ڇڏي، جنهن کان پوءِ اغوا ڪيلن کي آزاد ڪيو ويو،

  1. سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي جلسي جي اجازت نه ڏيڻ واري ڪيس تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ تحريڪ انصاف پاران جناح گروئونڊ ڪراچي ۾ جلسي جي اجازت نه ڏيڻ جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي .عدالت ڪيس جي ٻڌڻي بغير ڪاروائي عيد جي موڪلڻ کان پوءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .چيف جسٽس سنڌپنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته چونڊيون ختم ٿي ويون آهن ان مليل عوامي جلسي ۽ جلوس جي ڪهڙي ضرورت آهي .تحريڪ انصاف جي وڪيل چيو هر پارٽي کي جلسوڪري جي اجازت آهي پر تحريڪ انصاف کي نه آهي .عدالت چيو موڪليون انجواءِ ڪرايو درخواست جي ٻڌڻي عيد کان پوءِ ڪنداسين .

  1. ايف بي آر آفيسرن جي سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ تي پابندي

اسلام آباد (م ڊ) ايف بي آر آفيسرن جي سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ايف بي آر طرفان جاري ڪيل حڪم  موجب ايف بي آر آفيسر ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۽ ملاقات نه ڪري سگهندا. ايف بي آر جو ترجمان رڳو ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏئي سگهي ٿو. آرڊر ۾ آفيسرن کي سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ کان به روڪيو ويو. حڪم نامي موجب ايف بي آر آفيسر ذاتي حيثيت ۾ سوشل ميڊيا استعمال نٿا ڪري سگهن.

  1. سيڪريٽري زراعت جو بيورو آف سپلائي آفيسن جو دورو، آفيسر غيرحاضر

ڪراچي (رپورٽر) سيڪريٽري زراعت سنڌ رفيق احمد ٻرڙو بيورو آف سپلائي پرائسز اينڊ پلاننگ اينڊ مانيٽرنگ جي آفيسن جو اوچتو دورو ڪيو. سيڪريٽري زراعت آفيسرن ۽  ملازمن جي غير حاضر، عوام لاءِ سهولتون نه هئڻ ۽ شڪايتي باڪس نه لڳائڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. سيڪريٽري زراعت رفيق احمد ٻرڙو ڊي جيز کي هدايت ڪئي ته غير حاضر آفيسرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا وڃن. ملازمن، عوامي شڪايتن جي فوري حل لاءِ شڪايت باڪس لڳائن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.