ڪنڌڪوٽ پوليس پاران اغوا ٿيل پيءُ پٽ سميت 3 مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

ڪنڌڪوٽ ( ن ع آ )  ڪنڌڪوٽ پوليس پاران اغوا ٿيل پيءَ پٽ سميت 3 مغوين کي بازياب  ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس موجب 3 ڏينهن  اغوا ٿيل سراج ڊومڪي،سندس پٽ شهريار ڊومڪي ۽ گل محمد گولو کي ڌاڙيلن سان مقابلي بعد بازياب ڪرايو ويو آهي ٻئي پاسي علائقي ۾ چئوٻول آهن ته مغوي گل محمد گولو جي بازيابي لاءِ وارثن ڪچي ۾ قرآن پاڪ گهمايو ويو هو جنهن بعد ڌاڙيلن قرآن پاڪ کي مان ڏيندي گل محمد گولي کي به آزاد ڪري ڇڏيو آهي.

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)ڪنڌڪوٽ ھڪ ڏينهن اڳ بڊاڻي ڀرسان ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿيل سراج گولاٽو سندس جي معصوم پٽ شھريار گولاٽو جي اغوا خلاف ۽ سندن جي بازيابي لاءِ ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب آڏو سنڌ سيڊ ايڊ پيسٽي سائيڊ ۽ زرعي ڊيلر ايسوسيئيشن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري  نعريبازي ڪئي وئي.ان موقعي تي اڳواڻن اڪبر علي بجاراڻي، نجيب الله ملڪ،امجد جان کوسو،غلام مرتضيٰ بجاراڻي،نثار احمد بجاراڻي،يشپال داس،سني ڪمار ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سراج احمد گولاٽو ھڪ زرعي ماهر آهي جيڪو پنهنجي ڊيوٽي تي ڪچي واري علائقي ۾ ويو ھو هوڏانهن ۾ سنڌ ايمپلائيز فورم سکر جي سڏ تي مير سڪندر علي، امير بخش کوسو،ارشاد علي ڪانهر ،عبدالحميد جمالي، جنسار علي، مير حسن اڄڻ،فرمان علي مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن ٻڌايو ته زرعي دوائون ٺاهڻ واري نجي ڪمپني ايف ايم سي جي سيلز آفيسر سراج احمد ڊومڪي پنهنجي معصوم پٽ شھريار ڊومڪي سان گڏ فيلڊ ۾ ويندي گذريل ڏينهن بڊاڻي واري علائقي مان هٿياربندن هٿان اغوا ٿي ويو آهي، هنن ٻڌايو ته سنڌ ۾ بد امني جي باهه زور وٺندي پئي وڃي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ وارداتن سبب عام ماڻھو غير محفوظ بڻجي ويو آهي، ٻئي پاسي سنڌ ايمپلائيز فورم ضلعي ٺٽي ۽ سجاول جي پليٽ فارم تان احتجاجي مظاھرو پبلڪ پارڪ مڪلي تي سنڌ ايمپلائيز فورم ضلعي ٺٽي ۽ سجاول جي اڳواڻن محمد شريف رند، ممتاز علي بروھي، اسلم جماري، ممتاز علي شيخ، نويد احمد ٽالپر، ڪامران آرائين، حبيب جاکرو، عارف جنھڊاڻ، زبير عمراڻي، علي محمد ڀرڳڙي جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو،اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتھائي خراب ٿي وئي آھي، جتي ڪنھن به شخص جي جان محفوظ ناھي رھي، ڌاڙيلن عوام جو سڪون تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آھي، جيڪي کلي عام عوام کي اغوا ڪري وڃن ٿا، جن اڳيان انتظاميا ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارا به بيوس بڻيل نظر پيا اچن. ھنن صدر پاڪستان، وزير اعظم پاڪستان، وزير اعلي سنڌ، آء جي سنڌ سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فورن سراج اُحمد دومڪي کي پنھنجي پٽ سميت بازياب ڪرائڻ سان گڏ پريا ڪماري سميت جيڪي به ماڻھون اغوا ٿي ويا آھن، انھن کي بازياب ڪرائي ڌاڙيل ڪلچر جو خاتمو آندو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.