ڪراچي (رپورٽر)سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس عرفان سعادت خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ گجرنالي، محمود آباد ۽ اورنگي نالي جي متاثرن بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي .عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته ٽي هفتن ۾ پي اي سي معاملي کي حل ڪري .عدالت وڌيڪ چيو ته ثي هفتن کان پوءِ وڌيڪ ٻه هفتن ۾ عمل ڪرڻ ۽ مٽاٽرين بحالي جو ڪم شروع ڪيو وڃي .ٻئي مرحلي مڪمل ٿيڻ کان ٻه مهنني ۾ رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي .عدالت ۾ چيف سيڪريٽري سنڏ،ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ،ڪراچي جي ڪمشنر سميت ٻيا آفيسر پيش ٿيا .عدالت آفيسرن کان سوال ڪندي چيو چا اڳڀرائي ٿي آهي .ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته اسان پالستان انجئينرنگ ڪائونسل کي خط لکيو آهي جسٽس محمد علي مظهر پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اسان چاهيون ٿا هر کاتو پنهنجي ذمه دار کي ان معاملي ۾ نمائندو ٺاهي .اسان هئي به چاهيون ٿا ته پوءِ زمين جي الاٽ ۽ رقم جي معاملي تي ڪابه تنازعو ٿي .عدالت چيو ته مٽاٽرين پاران ڪهڙي نمائندو ٿيڻ چاهي ٿو .عدالت ايڊووڪيٽ فيصل صديقي کي چيو اوهان نمائندو ٺاهي وڃيو .فيصل صديقي چيو ته مان نمائندو نٿو ٿيڻ چا .جيڪي معاملي ۾ درخواستگذار آهي هو شهري تنظيم جي سربراهي آهي .اسان کي ان ڳالهه جو يقين آهي جيڪو عدالت فيصلو ڪندي اسان کي منظور آهي .اسان کي پاڪستان انجئينرنگ ڪائونسل جو لڳي تخمينه به منظور هوندو ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته ٻه ڪمرا،ڪڇن،باٿ روم ،صحن ۽ چٽ تي ٻڌل مشتمل گهر جو تخمينه لڳايو آهي 80گز جي جگهه تي اهڙي ڪنسٽرڪشن ٿي سگهي ٿي .ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته مٽاٽرين جو موڪيل معاملي کي طول ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي .مٽاٽرين جي نمائندن عدالتي ڪاروائي ۾ مداخلت جي ڪوشش ڪرڻ تي جسٽس محمد علي مظهر سخت ڪاوڙجو اظهار ڪندي چيو ته هڪ وڪيل ڳالهه ڪري رهيو آهي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ اسان تخمينه جي لاءِ پي اي سي جي ڳالهه ٻڌڻ چاهيون ٿااگرهو چئي ٿو ته 25لک تخمينه ايندو اسان هو وٺنداسين .