اسلام آباد ( عوامي آواز نيوز ) موجوده حڪومت جي قيام جي مختصرعرصي بعد ئي اسلام آباد جي سياسي منظر نامي ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ اسٽبلشمينٽ جي وچ ۾ چڪتاڻ جون خبرون اچڻ شروع ٿي ويون آهن، اسلام آباد جي سياسي حلقن ۽ تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ (ن) جي وزيراعظم شهباز شريف جي بطور وزير اعظم ٿيڻ بعد ملڪ جي سياسي منظر نامي ۾ اهڙو ڪو به تاثر سگهارو ٿي نه سگهيو آهي ته ڪو شهباز شريف ملڪ جي وزيراعظم طور تي حلف کڻي حڪموت هلائي رهيو آهي، سياسي تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف جي حڪومت متعلق اهڙي تاثر جو اظهار عام حلقن طرفان نه پر رانا ثناءَ الله ۽ ڪجهه اهم صحافين ڪيو آهي، سياسي تجزيه ڪارن جو اهو به چوڻ آهي ته ماضي جا تجربا ٻڌائين ٿا ته ملڪ جي اسٽبلشمينٽ تي اهڙين ڳالهين جو ڪوبه اثر نه ٿو ٿئي ۽ ان جي ابتڙ اسٽبلشمينٽ خوشيءَ جو اظهار ڪندي آهي ته سندس ”رٽ“ جو عوامي سطح تي اظهار ڪيو وڃي ٿو. تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته هن وقت اسٽبلشمينٽ جيڪي سينيٽرز پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان مان چونڊرايا ويا آهن، انهن مان محسن نقوي صاحب جو ذڪر سڀ کان وڌي ٿئي ٿو ۽ ائين ٿو لڳي ته وزيراعظم شهباز شريف جي وزير اعظم هوندي به محسن نقوي ڄڻ ته هڪ ” ڊيفڪٽو“ وزيراعظم هُجي، اهڙي ئي نموني جڏهن نواز شريف وزيراعظم هوندو هو ته ان وقت اسحاق ڊار صاحب ئي نواز شريف جا اختيار استعمال ڪندو هو. تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته هن وقت محسن نقوي تمام وڏي سرگرميءَ سان پنهنجي ٽيم جوڙي رهيو آهي، ماضيءَ ۾ شهباز شريف ۽ محسن نقوي ٻئي پنجاب جا وڏا وزير رهي چڪا آهن، جڏهن ته محسن نقوي پنهنجي دور ۾ خاص ڪري لاهور ۾ تمام وڏا ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ سرگرم رهيو، جنهن مان اسٽبلشمينٽ کي لڳي ٿو ته انهن ماضيءَ ۾ محسن نقويءَ کي پنجاب جو وڏو وزير مقرر ڪري هڪ سٺوقدم کنيو هو، جڏهن ته اسٽبلشمنيٽ جو اهو به خيال آهي ته انهن نگران وزيراعظم طور تي انوارالحق ڪاڪڙ جي چونڊ ڪري پڻ هڪ سٺو قدم کنيو هو. اسٽبلشمينٽ جو خيال آهي ته سياسي قيادتون هڪ ٻئي جي خلاف سياسي ۽ انتقامي ڪارروايون ڪري هڪ ٻئي کي جيلن ۾ وجهرائي وقت ضايع ڪن ٿيون تنهنڪري بهتر ٿيندو ته ملڪ جي قيادت لاءِ اهڙن ماڻهن کي اڳتي آڻجي جيڪي نوجوان ۽ سرگرم هجن. تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته امڪاني طور تي جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪنهن نئين سيٽ اپ جي ضرورت پئجي وڃي ٿي ته پوءِ ان کي سنڀالڻ لاءِ اسٽبلشمينٽ اهڙن ماڻهن جي صف بندي ڪرڻ ضروري سمجهي ٿي جيڪي ملڪ کي هلائڻ جي اهل هجن، انوارالحق ڪاڪڙ، محسن نقوي ۽ سنڌ مان چونڊرايل فيصل واڊوا اهڙا ماڻهو سمجهيا وڃن ٿا. سياسي تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته اسٽبلشمينٽ انهن پراڻن سياسيتدانن جي هوندي ۽ انهن کان ئي اهڙن نوان ماڻهن جي چونڊ ڪرائي رهي آهي جيڪي موجوده سياسي نظام ۾ سندن جي آڌار تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ۽ جيڪڏهن اهڙي ڪا صورتحال پيدا ٿي وڃي جو پراڻن سياستڪارن جي ضرورت نه پئي يا ڪو سياسي بحران پيدا ٿئي وڃي ته انهن نون سياسي ڪردارن کي اهم ذميواريون ڏئي ملڪ جو ڪاروهنوار هلايو وڃي، جنهن جو اسٽبلشمينٽ تي ڪو الزام به نه ايندو، اسٽبلشمنيٽ جي اهڙي چال هاڻي مسلم ليگ (ن) جي قيادت ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي جهڙوڪر سمجهه ۾ اچڻ شروع ٿي وئي آهي، جنهن ڪري اسٽبلشمينٽ ۽ وزيراعظم هائوس ۾ ڇڪتاڻ جو هڪ سلسلو شروع ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. جڏهن ته پنجاب جي حوالي سان پڻ اهڙي صورتحال جنم وٺي رهي آهي، جنهن جو اظهار مريم نواز دٻيل لفظن ۾ پڻ ڪري چڪي آهي. تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته گذريل عمران خان جي حڪومت ۾ جهڙي نموني جنرل باوجوه عمران حڪومت کي مينيج پئي ڪيو، اهڙي ئي نموني هن حڪومت کي پڻ “منيج” ڪرڻ جون ڪوششون شروع ٿيندي نظر اچي رهيون آهن، جن جا نتيجا پڻ اڳئين حڪومتن وانگر سٺا نه نڪرندا ۽ ايندڙ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ انهيءَ ڏس ۾ صورتحال وڌيڪ واضع ٿيندي نظر اچي رهي آهي.