اسلام آباد (م ڊ) سنڌ، بلوچستان ۽ پاسڪو لاءِ 24 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي ويندي. اقتصادي رابطا ڪميٽي 2024ع دوران ڪڻڪ جي خريداري هدف جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اي سي سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نيشنل فوڊ سڪيورٽي واري وزارت جي سمري جي منظوري ڏني وئي. اي سي سي 2024ع دوران پاسڪو، سنڌ صوبي ۽ بلوچستان لاءِ ڪڻڪ جي خريداري جا هدف مقرر ڪيا. ذريعن موجب اي سي سي ڪڻڪ جي خريداري لاءِ 274 ارب رپيا ڪيش جي به منظوري ڏني، اها رقم ڪڻڪ جي خريداري ۽ اسٽاڪ لاءِ بئنڪن کان ورتي ويندي. ناڻي واري وزارت موجب سنڌ، بلوچستان ۽ پاسڪو لاءِ 24 لک 50 هزار ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي ويندي، جڏهن ته پاسڪو لاءِ ڪڻڪ جي خريداري لاءِ 169 ارب رپين جي روڪ رقم جي منظوري پڻ ڏني وئي. دستاويز موجب سنڌ 100 ارب رپين مان 10 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪندي، بلوچستان 5 ارب 70 ڪروڙ رپين مان 50 هزار ٽن ڪڻڪ خريد ڪندو. واضح رهي ته اي سي سي اجلاس جو پهريون ڀيرو پڌرنامو جاري نه ڪيو ويو آهي.