ميرپور ساڪرو (ن ع آ) ٻه ڏينھن گھارو ڀرسان مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل رفيق خاصخيلي جي وارثن طرفان ميرپور ساڪرو ۾ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڌرڻو، ٻه ڏينھن گھارو ڀرسان مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل رفيق خاصخيلي جي وارثن طرفان ميرپور ساڪرو ۾ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڌرڻو، ھنن پنھنجي موقف ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته رفيق خاصخيلي کي جڙتو پوليس مقابلي ۾ قتل ڪرايو ويو آهي، رفيق خاصخيلي جي ڀاءُ عبدالغني خاصخيلي جو چوڻ آھي ته منھنجي ڀاءُ جو ڪوبه ڪرائم رڪارڊ ناھي، ھو جوکين کان پئسا گھرندو ھو، ھنن جا ويجھا واسطا ھئا ۽ رفيق خاصخيلي انھن وٽ ايندو ويندو رهندو ھو، پھرين به ڪيترا دفعا اھا ڇوڪري نبيلا جوکيو رفيق سان گڏجي ساڪري ايندي ويندي رھي ھئي، مٿس اغوا جو ڪوڙو الزام ھڻي نه رڳو پوليس کي گمراهه ڪيو ويو پر پوليس ونگار وھندي سندس ڀاءُ رفيق خاصخيلي کي ھڪ ڏينھن اڳ گرفتار ڪري بعد ۾ ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آھي، وارثن طرفان انصاف خاطر عدالت جا در کڙڪائڻ، احتجاج، مظاهرا ڌرڻا جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو .