گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميشن تان چيف جسٽس ۽ اعتزاز احسن ۾ جملن جي ڏي وٺ

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميشن قائم ڪرڻ جي معاملي تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسي’ ۽ ناليواري  وڪيل اعتزاز احسن ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي. اعتزاز احسن تجويز ڏني ته سپريم ڪورٽ جي حاضر سروس جج جي سربراهيءَ ۾ ڪميشن قائم ڪئي وڃي. جڏهن ته چيف جسٽس چيو ته رٽائرڊ جج جي سربراهيءَ ۾ ڪميشن هجڻ گهرجي، ڇو ته سپريم ڪورٽ مان جج ٿورا آهن ۽ حاضر سروس جج مقرر ڪرڻ سان عدالت جو ڪم متاثر ٿيندو. حاضر سروس جج جي مقرريءَ سان هو ڪميشن جو ڪم پارٽ ٽائيم ڪندو پوءِ وري توهان اعتراض ڪندا ته ڪم صحيح نه ٿو ٿئي. رٽائرڊ جج صحيح نموني ڪم ڪري سگهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.