سپريم ڪورٽ جي وڌيڪ پنج ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج کي شڪي خط ملي ويا

اسلام آباد/لاهور ( م ڊ) اعليٰ عدليا جي ججن کي ڌمڪي جوڳا خط ملڻ جو سلسلو جاري آهي، سپريم ڪورٽ جي وڌيڪ 5 ججن کي خط وصول ٿيا، جنهن کانپوءِ مجموعي انگ 10 ٿي ويو آهي. ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي جسٽس منيب اختر، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس عرفان سعادت خان ۽ جسٽس عائشه ملڪ جي نالي تي شڪي خط مليا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته وڌيڪ ملندڙ خط وفاقي پوليس جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ حوالي ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب سمورن خطن کي گڏ ڪيو ويو آهي، سپريم ڪورٽ جي ججن کي ملندڙ خطن تي به آرسينڪ پائونڊر آهي، هيل تائين سپريم ڪورٽ جي 10 ججن کي خط ملي چڪا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته سمورا خط هڪ ئي تاريخ تي آيا هئا، ڪجهه ججن کي هاڻ مليا آهن. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي کي به شڪي خط ملي ويو . لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي کي به شڪي خط مليو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج کي به شڪي خط مليو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس علي باقر نجفي کي شڪي خط ملڻ جي اطلاع بعد سي ٽي ڊي اختياريون ۽ پوليس لاهور هائيڪورٽ پهچي ويا. جسٽس علي باقر نجفي کي خط ملڻ بعد هاڻي هائيڪورٽ جي ججن کي ملندڙ خطن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو، آهي ته شڪي خط کي سي ٽي ڊي حوالي ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن جي ججن کي اماڻيل ڌمڪين وارن خطن جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ذريعن موجب، سي ٽي ڊي کي خطن مان مليل پائوڊر جي فرانزڪ رپورٽ ملي وئي آهي، خط ۾ مليل پاؤڊر ۾ آرسينڪ جي موجودگي جو انڪشاف ٿيو آهي. ريعن جو چوڻ آهي ته سي ٽي ڊي سب ڊويزنل پوسٽ آفيس سيٽلائيٽ ٽائون جي ليٽر باڪس ڀرسان لڳل سي سي ٽي وي وڊيو به حاصل ڪري ورتي آهي، وڊيو ۾ موجود ماڻهن جي سڃاڻپ نادرا ذريعي ڪئي پئي وڃي. ذريعن موجب، سي ٽي ڊي وڊيو ۾ موجود ڪجهه شڪي ماڻهن کان جاچ جو فيصلو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.