ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن، 2 مغوين کي آزاد ڪرائڻ جي دعويٰ

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عرفان علي کوسو)ڪنڌڪوٽ  پوليس جو دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ مغوين جي بازيابي ۽ ڏوهارين جي خاتمي لاءِ آپريشن هلندڙ پوليس پاران آپريشن دوران 2 مغوين همزه ۽ منير گجراڻي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، ڪنڌڪوٽ ڪچي جي علائقي دراني مهر ۾ گذريل رات کان پوليس جو مغوين جي آزادي ۽ ڏوهارين جي خاتمي لاءِ آپريشن هلندڙ آهي.گذريل رات کان پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ وقفي وقفي سان جديد هٿيارن سان فائرنگ جي ڏي وٺ جو به سلسلو هلندڙ آهي،.جڏهن ته پوليس پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته 8 ڏينهن اڳ تنگواڻي مان اغوا ٿي ويل 2 مغوين همزه گجراڻي ۽ منير گجراڻي کي دراني مهر جي ڪچي واري علائقي مان پوليس آپريشن دوران آزاد ڪرايو ويو، پوليس موجب پوليس جي فائرنگ ۾ ڏوهاري زخمي ٿي پيا ۽ زخمي ڏوهارين پنهنجا ٿاڪ ۽ ٻئين مغوي ڇڏي درياهه پار فرار ٿي ويا جن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڪچي جي علائقي ۾ موجود آهي جڏهن ته پوليس پاران اها دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته مغوين جي آزادي لاءِ ڪيل آپريشن ۾ سبزوئي گينگ جي ارصلاح سبزوئي سميت سندس جا 8 ڏوهاري ساٿي پوليس فائرنگ ۾ زخمي ٿيا آهن پر پوليس پاران اهڙي دعويٰ بعد زخمي ڏوهارين کي گرفتاي نه ڪري سگهي، هوڏانهن ڪچي جي دراني مهر واري علائقي ۾ هلندڙ آپريشن بابت ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ بشير احمد بروھي فون تي رابطو ڪري ٻڌايو ته مغوين جي آزادي لاءِ ۽ ارصلاح سبزوئي گينگ خلاف دراني مھر جي ڪچي ۾ آپريشن ھلندڙ آھي جنھن ۾ رينجر ۽ پوليس ڪاروائي ۾ مصروف آھي ٻنھي طرفن کان جديد ھٿيارن اينٽي ايئرڪرافٽ گن راڪيٽ لانچر ۽ ٻين ھٿيارن جو استعمال ٿئي پيو، ايس ايس پي موجب ڌاڙيل ارصلاح سبزوئي پنهنجي 8 ڏوھاري ساٿين سان گڏ زخمي ٿي پيو، علائقي کي ڪڙو آهي، وقفي وقفي سان فائرنگ ھلندڙ آھي ۽ ڪارروائي جاري آھي.زخمي ڏوهاري پوليس جي گرفت ۾ ايندا ۽ سڀئي مغوي بازياب ٿيندا. پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ جديد هٿيارن سان ڏي وٺ راڪيٽ لانچرز فائر ٿيڻ دوران علائقو هٿيارن جي خوفناڪ آوازن سان گونجي اٿيو ۽ علائقي ۾ ڏهڪاءُ واري صورتحال رهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.