”رانگ نمبر“ ڪوٺڻ تي شيرافضل ۽ سلمان احمد وچ ۾ سوشل ميڊيا تي جنگ

اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت ۽ پي ٽي آءِ حامي گلوڪار سلمان احمد وچ ۾ سوشل ميڊيا تي لفظي جنگ شروع ٿي وئي آهي.هڪ طرف سلمان احمد شير افضل مروت کي  ”رانگ نمبر“ چيو جنهن جي جواب ۾ شير افضل مروت کيس 5 اپريل تائين انتظار ڪرڻ جو چيو آهي، ايڪس اينڪس تي پنهنجي پيغام ۾ سلمان احمد چيو ته شير افضل مروت! توهان پنهنجي ليڊر جو غلط فائدو ورتو، عمران خان توهان کي پاسيرو ڪري درست ڪيو، خرم روکڙي وانگر توهان به رانگ نمبر آهيو.يوٽيوبرز عادل راجا ۽ حيدر مهدي جو حوالو ڏيندي هن لکيو ته هو سچ جي نشاندهي ڪرڻ تي ٻنهي جي حمايت ڪري ٿو.جنهن جي جواب ۾ شير افضل مروت لکيو ته توهان جو بيان توهان جي سوچ جو عڪاسي آهي، توهان اهڙن تڪرارن سان ماڻهن کي متوجه ڪرڻ چاهيو ٿا.هن وڌيڪ لکيو ته توهان ۽ توهان جهڙن ٻن غدارن سان منهنجي سوشل ميڊيا ٽيم منهن ڏيندي، 5 اپريل تائين انتظار ڪريو، توهان کي ضرور جواب ڏنو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.