سيوهڻ بدامنيءَ جو ڳڙهه، انڊس هاءِ وي تي پوليس وردي پهريل هٿياربندن جي ڦرلٽ، ڌرڻو

ڀان سيدآباد (رپورٽ خادم عرف آدم مينگل ) وڏي وزير جو تڪ سيوهڻ بدامنيءَ جو ڳڙهه، انڊس هاءِ وي تي پوليس ورديون پهريل هٿياربندن جي پيٽرول پمپ تان سرعام ڦرلٽ، پمپ مالڪ ۽ واپاري روڊن تي نڪري آيا، سنڌ  جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چونڊ تڪ سيوهڻ بدامنيءَ جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي، ڦرون، ڌاڙا ۽ چوريون روز جو معمول بڻجي ويون آهن، عوام غير محفوظ بڻيل آهي، سيوهڻ انڊس هاءِ وي تي محمد خان ڪاٺيو جي زم زم پئٽرول پمپ تان پوليس جي وردي پهريل 4 هٿياربند هٿيارن جي زور تي پمپ عملي کي يرغمال بڻائي لکين روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي بعد سيوهڻ ۽ ڀان سيدآباد جا واپاري ۽ شهري روڊن تي نڪري آيا، جن زم زم پمپ مالڪ محمد خان ڪاٺيو، احمد خان ڪاٺيو، پير بخش بڙدي، وڏل خان ٽالپر، ولي محمد لاشاري، عطا محمد بوذدرا، محمد صالع سهتو، بهارو خان پنهور، سڪندر علي سئنچ، غلام قادر ڏيپر، پير بخش ٻٻر، محمد مٺل پنهور، مشتاق ڳنڀير، محمد هارون پنهور جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سي ايم سنڌ جي چونڊ تڪ ۾ ڦورو پوليس وردي ۾ عوام کي ڦري لٽي رهيا آهن پر افسوس سي ايم سنڌ نوٺيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي، هنن ٻڌايو ته پوليس وردي پهريل ڦورو پمپ جي ملازمن کي رسن سان ٻڌي يرغمال بڻائي 3 لک کان وڌيڪ روڪ رقم ۽  موبائيل فونون ڦر ڪري سي سي ٽي وي ڪئميرائون به کڻي آساني سان ڦر ڪري فرار ٿي ويا، سيوهڻ پوليس اگهور ننڊ پيل رهي، سيوهڻ تعلقي ۾ گذريل ڪافي عرصي کان چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا معمول بڻيل آهن، سفارشي پوليس آفيسر بنگلن تائين محدود آهن، هنن چتاءُ ڏيندي مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل روڪ رقم ۽ موبائيلون واپس ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏئي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.