معاشي پاليسي بابت سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا جو اجلاس ۾ 6 نقاطي ايجنڊا جي منظوري ڏني وئي.  وفاقي ڪابينا ايس ايم اي بئنڪ جي صدر جي استعيفي’ ۽ نئين صدر جي مقرري  جي منظوري ڏني، جڏهن ته اقتصادي پاليسي بيان قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ اڳوڻي نيول چيف ايڊمرل امجد خان نيازي کي پرڏيهي ايوارڊ ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي ۽ پوليس حراست ۾ شهباز شبير تي تشدد جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جي به منظوري ڏني وئي. ان کان علاوه وفاقي ڪابينا عورتن جي قومي ڪميشن ۾ ميمبر مقرر ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني. ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ چيو آهي ته داسو ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيني انجنيئرن سان ملاقات حملن جي جاچ ۽ سندن سڪيورٽي معاملن آگاهي ڏني. ڪابينا کي معيشت بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ته معيشت بابت سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي فيصلا ڪيا ويندا. معيشت کي سياست جي تابع ڪرڻ نٿا چاهيون، پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل اڳتي وڌي رهيو آهي. پي آءِ اي جو 80 ارب رپين جو خسارو غريب عوام برداشت ڪري رهيو آهي. نجڪاري سان خسارو قومي خزاني تي نه پوندو.  هن چيو ته اسان 16 مهينن ۾ ملڪي معيشت کي ٺيڪ ڪري ڇڏيو، هاڻي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ بهتري آئي آهي ۽ مهانگائي به گهٽجي رهي آهي. بلوم برگ موجب پاڪستان ۾ مهانگائي ايندڙ سال 15 سيڪڙو تائين پهچي ويندي، عطاءُ تارڙ چيو ته هن مهيني آءِ ايم ايف کان قرض جي قسط ملي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.