سنڌ ڪابينا سمورن کاتن ۾ ڀرتين تي لڳل پابندي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس ۾ سرڪاري کاتن ۾ ڀرتين تي لڳل پابندي هٽائڻ جي منظوري ڏني وئي ۽ گڏوگڏ ڊاڪٽرن، نرسن ۽ ٻين عملي لاءِ جيڪي ڪورونا دوران مقرر هئا انهن جي عرصي ۾ 30 جون 2024 تائين واڌ ڪري ڇڏي. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري، چيئرمين پي اينڊ ڊي ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ڪابينا جي ميمبرن سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته سرڪاري کاتن ۾ هزارين پوسٽون هيٺين گريڊ جون خالي آهن. ڀرتين تي پابندي هٽائڻ سان نه رڳو کاتن جي ڪارڪردگي بهتر ٿيندي پر نوجوانن کي روزگار جا موقعا پڻ فراهم ٿيندا. وڏي وزير ڪابينا ميمبرن جي رضامندي سان سرڪاري کاتن ۾ ڀرتين تي پابندي هٽائڻ جي منظوري ڏيندي قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي هدايت ڪئي ته هو عدالت ۾ ڪيس جي پيروي ڪن ۽ خالي پوسٽن بابت حڪم نامو رد ڪرڻ بابت کين اپيل ڪئي وڃي.تعليم واري وزير سيد سردار شاهه جي درخواست تي ڪابينا اسڪول ايجوڪيشن کاتي کي استادن جي ڀرتي واري پاليسي 2021ع موجب IBA سکر ذريعي PST/JEST جي ڀرتي جو عمل جاري رکڻ جي اجازت ڏني. ڪووڊ 19 ڊاڪٽرن ۽ ٻين جي عرصي ۾ واڌ: صحت بابت صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل ۽ سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي صحت کاتي ڊاڪٽرن، نرسن، پيرا ميڊيڪل، اسڪيلڊ ۽ سپورٽ اسٽاف کي مقرر ڪيو آهي17 مارچ 2023 تي صحت کاتي 824 ڊاڪٽرن ۽ 324 اسٽاف نرسن کي انهن جي اهليت لاءِ SPSC حوالي ڪيو. سنڌ پبلڪ سروس 324 اهل COVID-19 اسٽاف نرسن مان رڳو 260 جي سفارش ڪئي جڏهن ته ٻين نتيجن جو انتظار آهي. ڪابينا صحت کاتي جي سفارش تي 705 ڪووڊ 19 ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف نرسن جي مدي ۾ جولاءِ 2023 کان جون 2024 تائين وڌيڪ هڪ سال جي واڌ جي منظوري ڏني. 374 ٽيڪنيڪل ۽ سپورٽنگ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ 2,957 هنرمند ۽ جاچ ڪميٽي پاران سفارش تي پهرين اپريل 2023 کان جون 2024 تائين CVCs لاءِ هيومن ريسورس تحت پڻ منظوري ڏني وئي. وڏي وزير CFY-2023-24 دوران سندن پگهارن جي ادائيگي لاءِ 2036.785 ملين رپين جي منظوري پڻ ڏني. جڏهن ته صحت کاتي جي درخواست تي ڪابينا 50 سرڪاري ڊسپينسريون (GDs) PPHI سنڌ حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏني ۽ اپريل 2024 تائين ٽن مهينن لاءِ هيومن ڪيپيٽل انويسٽمينٽ 1000 ڏينهن انٽيگريٽيڊ هيلٿ اينڊ پاپوليشن پروگرام لاءِ سنڌ جي آپريشنل خرچن جي مد ۾ HR لاءِ  120,799,950 روپين جي بجيٽ مختص ڪئي وئي  صحت کاتي جي درخواست تي ڪابينا پاران صحت کاتي کي دوائون، سرجيڪل شيون، هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام جا ٽينڊرز، ٽي بي ڪنٽرول پروگرام ۽ ايڇ آءِ وي/ايڊز ڪنٽرول پروگرام 23-2022 منظور ٿيل ٽينڊر اگهن تي خريد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. سيڪريٽري ايڇ اي سي ڪابينا کي ٻڌايو ته لاڙڪاڻو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پگهارن، آپريشنل خرچن، سول ورڪس، ڊولپمينٽ ۽ پاور سپلاءِ لاءِ 1000 ملين رپيا سيڊ مني طور گهرايا آهن. ڪابينا ان مقصد لاءِ 400 ملين رپين جي منظوري ڏني،جڏهن ته سيپرا رولز ۾  ٽن ترميمن به ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.