تائيوان ۾ زلزلي تباهي مچائي ڇڏي،9 ڄڻا فوت،800 کان وڌيڪ زخمي

تائي پي ( م ڊ ) تائيوان ۾ 7.2 جي شدت واري زلزلي سبب فوتين جو انگ 9 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 800 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ۽ 50 لاپتا  آهن. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب زلزلو تائيوان جي اوڀر سامونڊي ڪناري ويجهو آيو، زلزلي جي گهرائي 15.5 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جا لوڏا چين جي صوبي فوجيان ۽ شنگهائي شهر ۾ به محسوس ڪيا ويا.تائيوان ۾ زلزلي کانپوءِ جاپان ۽ فلپائن ۾ سونامي وارننگ جاري ڪئي وئي هئي، جنهن کي بعد ۾ واپس ورتو ويو.زلزلي سبب تائيوان جي راڄڌاني تائيپي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، ملڪيتن کي سخت نقصان پهتو، زلزلي کانپوءِ ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت جڏهن ته 800 کان وڌيڪ زخمي ۽ 50 لاپتا آهن.رپورٽ موجب گم ٿيل ماڻهو 4 مني بسن ۾ سوار هئا جيڪي نيشنل پارڪ جي هڪ هوٽل ڏانهن وڃي رهيا هئا، ايئر بيس تي بيٺل 6 ايف 16 جهازن کي زلزلي سبب ڪجهه نقصان پهتو. زلزلي کانپوءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن، ڪيترن ئي ماڻهن جي ملبي هيٺان دٻجڻ جو خدشو آهي. رپورٽ موجب زلزلو 25 سالن کانپوءِ اچڻ وارو سڀ کان وڏو زلزلو آهي، ان کان اڳ تائيوان ۾ 1999 ۾ 7.6 شدت جو زلزلو آيو هو، جنهن ۾ 2400 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا ۽ 50 هزار عمارتون تباهه ٿي ويون هيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.