عمران خان خلاف ٽيريان ڪيس عيد کانپوءِ ٻيهر ٻڌڻ جو امڪان

اسلام آباد ( م ڊ ) عدالتي اختيارين چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي مبينا ڌيءَ ٽيريان وائيٽ کي  عيد کانپوءِ لڪائڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي.رپورٽ موجب معاملو عملي طور تي مئي 2023 کان التوا جو شڪار آهي، جڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس درخواست جي قابل قبوليت تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ 3 رڪني بينچ کي ٽوڙي ڇڏيو، عدالت جي ٻن ججن جي راءِ به ويب سائيڊ تي اپ لوڊ ڪئي وئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق، جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر تي ٻڌل 3 رڪني لارجر بينچ 30 مارچ تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جڏهن ته جسٽس ڪياني ۽ جسٽس طاهره آصف درخواست داخل ٿيڻ خلاف راءِ ڏني هئي.اڪثريتي فيصلو اچڻ بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نئين بينچ جوڙي جنهن ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس سمن رفعت امتياز شامل هئا.ياد رهي ته 10 مئي 2023 تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف مبينا ڌيءَ لڪائڻ واري ڪيس ۾ ان وقت غير معمولي ڊرامائي رخ اختيار ڪيو جڏهن جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ عدالت ارباب طاهر جي درخواست رد ڪرڻ وارو اڪثريتي فيصلو ڪجهه منٽن بعد عدالت جي ويب سائيٽ تان هٽائي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پاران ڌيءَ کي لڪائڻ خلاف داخل درخواست تي اڪثريتي فيصلو لکيو ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر ان جي تائيد ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته درخواست شروع ٿي هئي، اها ٻڌڻي لائق نه هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.