ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مبينا مقابلو، گرفتار بدنام ڏوهاري مارجي ويو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عرفان علي کوسو)ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو گرفتار ٿيل بدنام ڏوهاري بگي سبزوئي مارجي ويو،  ايس ايڇ او بي سيڪشن مولا بخش بگٽي فائرنگ ۾ زخمي ٿي پيو، ڪنڌڪوٽ پوليس هٿان گرفتار ٿيل بدنام ڏوهاري بگي سبزوئي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو سندس ايس ايڇ او بي سيڪشن ڪنڌڪوٽ گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو، اهڙي واقعي جو اطلاع ضلعي پوليس کي ملڻ بعد پوليس جي وڌيڪ نفري ڪچي جي دراني مهر واري علائقي ۾ پهچي زخمي ايس ايڇ او ۽ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل بدنام ڏوهاري بگي سبزوئي جي لاش کي ڪنڌڪوٽ سول اسپتال منتقل ڪيو جتان زخمي ايس ايڇ او مولا بخش بگٽي جو علاج هلندڙ آهي ۽ بدنام ڏوهاري بگي سبزوئي جو لاش ڪنڌڪوٽ سول اسپتال ۾ پيل رهيو، اهڙي واقعي جي خبر شهر ۾ پوڻ شرط وڏي انگ ۾ شهري ڏوهاري جو لاش ڏسڻ لاءِ ڪنڌڪوٽ سول اسپتال ۾ گڏ ٿي ويا، سموري واقعي تي پوليس پنهنجو موقف ڏيندي ٻڌايو ته پوليس هٿان گرفتار ٿيل بدنام ڏوهاري بگي سبزوئي جي نشاندهي تي اسين سندس ڏوهاري ساٿين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ پهتاسين ته گرفتار بدنام ڏوهاري بگي سبزوئي کي ڇڏرائڻ لاءِ سندس ساٿي ڏوهارين پوليس مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن فائرنگ ۾ ايس ايڇ او بي سيڪشن ڪنڌڪوٽ مولا بخش بگٽي زخمي ٿي پيو ۽ سندس بدنام ڏوهاري بگي سبزوئي ساٿي ڏوهارين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، پوليس اهلڪارن پاران جوابي فائرنگ ۾ ڏوهاري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري بگي سبزوئي کي پوليس پاران صبح جي وقت گرفتار ڪيو ويو هو جنهن کي ساڳئي ڏينهن منجهند ڌاري پوليس پاران ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي وڃڻ جو موقف سامهون آيو. ذريعن موجب رستي ويندي پوليس موبائيل مٿان مهمداڻي پڪٽ وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او ڪنڌڪوٽ مولا بخش بگٽي زخمي ٿي پيو ۽ پوليس پاران گرفتار ڪيل بدنام ڏوهاري بگي سبزوئي کي فُل فرائي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.