گاڏين جي ٽرانسفر تي فزيڪل فٽنس چيڪنگ ختم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت طرفان استعمال ٿيل گاڏين جي ٽرانسفر تي فزيڪل فٽنس چيڪنگ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو  ويو آهي. سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ايڪسائيز، ڊي جي ايڪسائيز، آٽو موٽو ٽريڊرز ۽ امپورٽرز ايسوسيئيشن جي نمائندن شرڪت ڪئي.صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته گاڏين جي ٽرانسفر تي ڪاغذي ڪارروائي به جلد ختم ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺي واپارين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا.صوبائي وزير چيو ته، سنڌ حڪومت هميشه واپارين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو آهي. ريڊ لائن بي آر ٽي سبب واپارين کي ڪابه ڏکيائي پيش نه ايندي.

  1. گورنر پاران سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به آءِ ٽي ڪورس ڪرائڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۾ آءِ ٽي پروگرام جي شروعات بابت اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ  انٽرنيشنل جي سربراهه مولانا بشير فاروقي جي خاص شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته ٽيسٽ کانپوءِ حيدرآباد جي 50 هزار شاگردن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪورس ڪرايو ويندو، جڏهن ته ان پروگرام جي ويب سائيٽ لانچ ٿيڻ کانپوءِ ٻن ڏينهن اندر 6 هزار کان وڌيڪ شاگردن پنهنجو نالو رجسٽر ڪرائڻ خوش آئند آھي هي پروگرام تمام جلد سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به شروع ڪيو ويندو ،جڏهن ته سڄي سنڌ ۾ هي ڪورس ڪرائڻ جي پوزيشن ۾ آهيان، ٻئي طرف گورنر هولي ٽرينيٽي چرچ فاطمه جناح روڊ تي پهچي مسيحي برادري جي اڳواڻن سان گڏ ايسٽر جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽيو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.