ججن جي خط جي جاچ شوڪت صديقي کان ڪريو، فيض حميد کان به جاچ ڪريو: عمران خان

راولپنڊي (م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان اڊيالا جيل ۾ڪيس جي ٻڌڻي دوران دعويٰ ڪئي آهي ته سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي بني گالا ۾ زهر ڏنو ويو،بشريٰ بي بي کي ڪجهه ٿيو ته ان جي ذميوار موجوده اسٽيبلشمينٽ هوندي،ججن جي خط جي جاچ جي شروعات شوڪت عزيز صديقي ڪيس کان شروع ڪيو،جنرل فيض هجي يا ڪو ٻيو جاچ ٿيڻ گهرجي، اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊز ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي، ان دوران پي ٽي آءِ باني جو احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا سان مڪالمو ٿيو.پي ٽي آءِ باني دعويٰ ڪئي ته شڪ آهي ته بشريٰ بي بي کي بني گالا ۾ زهر ڏنو ويو آهي، مان ڄاڻان ٿو ان جي پٺيان ڪير آهي.هن استدعا ڪندي چيو ته عدالت بشريٰ بي بي جي مڪمل طبي معائني ۽ انڪوائري ڪرائڻ جو حڪم ڏئي.آءِ ايس آءِ جا ماڻهو بني گالا کان اڊيالا تائين سڀ شين کي ڪنٽرول پيا ڪن،عمران خان چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن پاران لکيل خط سڀني کي معلوم آهي ته جڏهن کان حڪومت تبديل ٿي آهي تڏهن کان اهو سلسلو هلندو پيو اچي ۽ سموراجج  اهو پيغام ڏئي رهيا آهي ته هو بيوس آهن.هن وڌيڪ چيو ته پوليس وارا به چون ٿا ته اسان دٻاءُ ۾ آهيون، جيل کي به آءِ ايس آءِ ڪنٽرول ڪري رهي آهي.احتساب عدالت جو اڳوڻو جج محمد بشير دٻاءُ سبب 5 ڀيرا جيل جي اسپتال ويو.اڳوڻي وزيراعظم الزام هنيو ته سمورن ججن کي ٻاهران ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي،مون اڳوڻي صدر عارف علوي جي معرفت آرمي جنرل عاصم منير کي پيغام موڪليو هو ته کيس لنڊن پلان جي خبر آهي.اقتدار ۾ ويٺل ماڻهو ايجنسين کان بغير هڪ قدم به نٿا کڻي سگهن،هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته شڪر آهي ته تصدق جيلاني ڪميشن جي سربراهي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني بينچ ٺاهي وئي،اهو معاملو فل ڪورٽ کي ٻڌڻ گهرجي ها،  سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني بئنچ ڪميشن بڻجڻ کان بهتر آهي.عمران خان چيو ته جنرل باجوا اسان کي واضح طور تي چيو هو ته جيڪڏهن خاموش نه ويهنداسين ته ڪيس به ٺاهيا ويندا ۽ سزائون به ملنديون،ڊونلڊ لو پاڻ کي ۽ آمريڪي حڪومت کي بچائڻ لاءِ  ڳالهين جي ترديد ڪئي،اسد مجيد نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي اجلاس ۾ اچي ڌمڪي جو ٻڌايو هو، هن چيو ته شوڪت عزيز صديقي جو ڪيس سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ويو هو ان ڪري اسان خاموش رهياسين، عمران خان کان سوال ڪيو ويو ته شوڪت عزيز صديقي جنرل فيض تي الزام هنيا هئا ان وقت توهان وزيراعظم هئا،جنهن تي عمران خان چيو ته جنرل فيض هجي يا ڪو ٻيو جاچ ٿيڻ گهرجي، جنرل فيض جي مقرري مون نه ڪئي هئي، عمران خان چيو ته جيڪڏهن بي بي کي زهر ڏنو ويو ته ڇا  خاموش رهندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.