سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪري رهيا آهيون: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت صوبي ۾ امن امان جي بهتري لاءِ اپاءَ وٺي رهي آهي. انهن اپائن ۾ ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي روڪٿام ۽ ڪچي واري علائقي ۾ اغوا ۽ ڀنگ جي وارداتون جو خاتمو شامل آھي. هن اهو پڻ اعتراف ڪيو ته سندس گذريل حڪومتي دور ۾ امن امان جي صورتحال اطمينان بخش نه هئي ۽ نگران حڪومت دوران اها وڌيڪ خراب ٿي پر سندس حڪومت صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ اپاءِ ورتا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، جتي هو سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ پھتو هو. هن  وڌيڪ چيو ته سندس حڪومت اسٽريٽ ڪرمنل ۽ ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ سخت قدم کڻي رهي آهي ۽ ھن يقين ڏياريو تھ صورتحال جلد بهتر ٿي ويندي. سينيٽ چونڊن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته سندس پارٽي سنڌ اسيمبلي مان 12 اميدوارن کي چونڊرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تنھن ڪري سرفراز راڄڙ پيپلز پارٽي قيادت جي هدايتن تي نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته فيصل واوڊا جو پيپلز پارٽي سان ڪو بھ واسطو ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.