مخصوص سيٽن تي ڪنهن ٻئي کي ناجائز طور تي حلف کڻڻ نه ڏينداسين: علي امين گنڊاپور

پشاور (م ڊ)  خيبرپختونخواهه  جي وڏي وزير  علي امين گنڊا پور چيو آهي ته اسان مخصوص  سيٽن کي ڪنهن ٻئي کي ناجائز حلف کڻڻ نه ڏينداسين، ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته  آئين جو تحفظ پاڪستان کي هر شهري تي فرض آهي، هن ملڪ ۾ آئين کي ٽوڙيو پيو وڃي، هن چيو ته اسان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي ٽوڙي هئي، آئين ۾ واضح لکيل آهي ته 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪرائڻي آهي پر نه ڪرائي وئي، ان کان سواءِ آئين مسلسل ٽوڙيو پيو وڃي، هن چيو ته اسان جون مخصوص سيٽون اسان کي نه ڏنيون ويون، اسان کان چونڊ نشان به کسيو ويو، علي امين چيو ته مان واضح ڪريان ٿو ته وڙهنداسين، هن صورتحال جو مقابلو ڪنداسين ۽ آخري حد تائين وينداسين، اسان ڪڏهن به مخصوص سيٽن تي سوديبازي نه ڪنداسين، پنهنجي مخصوص سيٽن تي ڪنهن ٻئي کي ناجاز طور تي حلف کڻن نه ڏينداسين

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.