گرينڊ اپوزيشن الائنس :عيد کانپوءِ تحريڪ هلائڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( م ڊ ) حڪومت خلاف اپوزيشن پارٽيون متحد ٿي ويون آهن، گرينڊ الائنس ٺاهي مزاحمتي تحريڪ هلائڻ جو فيصلوڪيو ويو آهي، اپوزيشن پارٽيون متحد ٿي ويون، گرينڊ اپوزيشن الائنس ٺاهڻ لاءِ 5 اپوزيشن پارٽين جو گڏيل مشاورتي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين گوهر علي خان ۽ جماعت اسلامي جي وقتي امير لياقت بلوچ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ڪي پي ڪي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي ۽ اختر مينگل به شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم سربراهه علامه ناصر عباس، اسد قيصر به شرڪت ڪئي، ذريعن موجب اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب به شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ اپوزيشن اتحاد جي قيام جي حوالي سان معاملن تي صلاح مشورو ڪيو ويو، اپوزيشن پارٽيون عيد کانپوءِ عملي مزاحمتي تحريڪ هلائينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.