ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ۾ باني تحريڪ انصاف اڊياله جيل ۾ سيڪيورٽي ڏيڻ واري ڪيس ۾ وفاقي حڪومت جواب جي مهلت طلب ڪري ورتي، چيف جسٽس سخت ڪاوڙ جو اظهارڪندي چيو آهي ته ڪنهن جي زندگي جي تحفظ جو معاملو آهي، ڌرين جواب جمع نه ڪرايو آهي، اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته اسان چاهيون ٿا ته هڪ هئي جواب اچڻ گهرجي، عدالت باني تحريڪ انصاف کي مڪمل سيڪيورٽي ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت ڌرين کي 18 اپريل تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.