گهوٽڪي مان سوناري کان ڦرلٽ ۽ بدامني خلاف ماٿيلي ۾ هڙتال، ريلي

ميرپورماٿيلو  (رپورٽ: نصرالله گڏاڻي) گھوٽڪي مان سوناري کان لکين رپيا روڪ ۽ موٽرسائيڪل ڦر ٿيڻ واري واقعي ۽ بدامني  خلاف ميرپورماٿيلو ۾ صرافا يونين پاران دڪان بند ڪري ھڙتال، احتجاجي ريلي، اي سيڪشن ٿاڻي جي حد نيشنل ھاءِ  وي تان ميرپورماٿيلي جي سوناري جميل سومرو کان ساڍا 9 لک روڪ رقم نئين سلف اسٽارٽ ون ٽو فائيوو موٽرسائيڪل ۽ موبائيل فون ڦر ٿيڻ واري واقعي ۽ بدامني خلاف صرافا يونين پاران ميرپورماٿيلي ۾ دڪان بند ڪري ھڙتال ڪئي وئي، صرافا يونين جي سڏ تي سوين شھرين گھنٽا گھر چوڪ کان ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي حاجي صابر سومرو گوپال داس، جئه رام ۽ ٻين دانھيندي چيو تھ ڦر ۽ ڌاڙن توڙي اغوائن جي وڌندڙ وارداتن سبب ڪاروبار نھ ٿا ڪري سگھون جيڪي وارداتون انتظاميا جي نااھلي سبب پيش اچي رھيون آھن، ڦورن صرافا يونين جي جنرل سيڪريٽري صابر سومرو جي پٽ کان لکين روپيا ڦر ڪري ظلم ڪيو آھي. ڦورن خلاف ڪارروائي تھ پري جي ڳالھھ پر ھن مھل تائين پوليس ڪيس داخل ناھي ڪيو، ھنن وس وارن ڦر ٿيل لکين رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان رڪور ڪرائي ڏيڻ جو مطالبو ڪندي ٻي صورت ۾ سموري ضلعي ۾ شٽر بند ھڙتال ڪرڻ جو چتاءُ پڻ ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.