پاڻ مرادو نوٽيس يا ڪميشن تي انصاف سڀني کي ملڻ گهرجي: جاويد لطيف

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ميان جاويد لطيف چيو آهي ته انهن پنجن ججن کان به پڇيو وڃي ڪنهن  جي دٻاءَ تي ڪنهن کي صادق امين جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو ۽ ڪنهن کي سسلين مافيا گارڊ فادر چيو ويو. ايڪس  تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته 6 ججن جي خط تي ڪميشن يا پاڻمرادو نوٽيس وٺي سڀني کي انصاف ڏنو وڃي پر اها سٺي ڳالهه هوندي ته اسان جن پنجن ججن جا نالا وٺي رهيا آهيون انهن کي به پاڻ مرادي نوٽيس ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ پڇيو وڃي ته ڪنهن جي دٻاءُ تي ڪنهن کي صادق امين ۽ ڪنهن کي سسلين گاڊ فادر چوندا رهيا،پنهنجي وڌيڪ ٽوئيٽ ۾ هن پي ٽي آءِ باني توشاخانا ڪيس ۾ سزا معطلي تي چيو ته مان بار بار چئي چڪو آهيان ته سهولتڪاري ٿي رهي آهي، ڇا اڃا تائين ڪنهن کي شڪ آهي ته سهولتڪاري نه ٿي رهي آهي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.