سپريم ڪورٽ کي انڪوائري ڪميشن کان وڌيڪ اختيار حاصل آهن: عابد ساقي

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان بار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين عابد ساقي جو چوڻ آهي ته آرٽيڪل 184/3 تحت سپريم ڪورٽ کي انڪوائري ڪميشن کان وڌيڪ اختيار حاصل آهن. عابد ساقي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا 6 حاضر سروس جج سپريم ڪورٽ جي ريٽائر جج آڏو ڪيئن پيش ٿي سگهن ٿا، جنهن کي اختيار ئي ناهن. هن چيو ته پاڪستان جو عدالتي نظام تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي ۽ هاڻي اها ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي ناهي ته طاقتور حلقا ججن تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن ته هو پنهنجا فيصلا وٺي سگهن.  هڪ سوال جي جواب ۾ عابد ساقي چيو ته تصدق حسين جيلاني جي انڪار کانپوءِ حڪومت وٽ ان معاملي جي جاچ لاءِ ٻيو انڪوائري ڪميشن ٺاهڻ جو اختيار ناهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حامد خان جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي لکيل خط جو نوٽيس وٺي سٺو قدم کنيو آهي. پر بهتر ٿئي ها ته سپريم ڪورٽ جا سمورا جج ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ جو حصو هجن ها. هن چيو ته هو اهو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ اٿاريندو جڏهن پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي 3 اپريل تي ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.