لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ لائرز فورم پاران عدليه جي آزادي جي عنوان هيٺ ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو، ڪنوينشن کي اڳوڻي صدر عارف علوي خطاب ڪندي چيو ته جڏهن مديني جي رياست جو ذڪر ٿيو ته ماڻهن ان جو مذاق اڏايو، هتي آڊيو ۽ وڊيوز رڪارڊ ڪيون وڃن ٿيون، جنهن سان معاشرو تباهه ٿي رهيو آهي، اڳوڻي صدر پي ٽي آءِ جي باني کي آزاد ڪرڻ جي به درخواست ڪئي.لطيف کوسي چيو ته 6 جج انصاف گهري رهيا آهن،ان معاملي تي سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ ويهڻ گهرجي،وليد اقبال چيو ته اهي جج ڪٿي هئا جڏهن جسٽس شوڪت الزام هنيا، ججن جي جانبدار هئڻ جو الزام رد ڪريون ٿا،حامد خان چيو ته عدليه جي آزادي جي بحالي لاءِ وڪيل پهرين صفحي تي هوندا، سڄي پاڪستان جا وڪيل پنهنجي ججن سان گڏ بيٺا آهن.سلمان اڪرم راجا چيو ته ملڪ ۾ آئين جي بالادستي لاءِ سڀني کي ٻاهر نڪرڻو پوندو.