پي ٽي آءِ جو پاڻ مرادي نوٽيس ۾ 7 رڪني بئنچ تي اعتراض

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اطلاعات سيڪريٽري رئوف حسن چيو آهي ته خط جي معاملي تي 7 رڪني بينچ کي مرضي جو فيصلو ڪرڻ نه ڏينداسين، معاملي تي عدالتي ڪارروائي لائيو نشر ڪئي وڃي ۽ سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ جوڙي وڃي. چيف جسٽس جي ڪردار تي شڪ پيدا ٿي ويا، جسٽس ر تصدق جيلاني جي ڪردار تي شڪ ناهي، تصدق جيلاني جي پٽ 3 سئو وڪيلن جي خط جي حمايت ڪئي،هن چيو ته سمورو نظام مڪمل طور ڊهي چڪو آهي، عدالتون اسٽيبلشمينٽ جي هٿن ۾ رانديڪا بڻجي چڪيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.