6 ججن جي خط تي سياست نه ٿيڻ گهرجي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد (م ڊ) قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ اڳوڻي پاڪستان جي چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني کي سربراهه انڪوائري ڪميشنمقرر ڪرڻ تي چونڊيل وڪيل تنظيم جي اعتماد جي اظهار جي آجيان ڪندي چيو ته معزز 6 ججن جي خط تي سياست  نه ٿيڻ گهرجي، سومر تي بيان ۾ هن چيوته  پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي پڌرائي عدليا جي غير جانبداري جو مظهر آهي، اعظم نذير تارڙ چيوته خيبرپخونخواهه بار ڪائونسل، پنجاب بار ڪائونسل ۽ اسلام آباد بار ڪائونسل به ڪميشن ۽ جسٽس تصدق جيلاني تي اعماد جو اظهار ڪيو آهي، هن  چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ بار، ايبٽ آباد هاءِ ڪورٽ بار، لاهور بار ايسوسيئيشن، ملتان هاءِ ڪورٽ بار، بهاولپور هاءِ ڪورٽ بار جو اعتماد جو اظهار هاڪاري اڳڀرائي آهي، قانون واري  وزير چيوته حڪومت چاهي ٿي ته سچائي قوم جي سامهون اچي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙيون شڪايتون پيش نه ٿين، شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ حڪومت ۽  ڪابينا جي عدليا جي آزادي جي اصول جي قائل آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.