عمران خان سان علي امين گنڊاپور جي ملاقات، اهم معاملن تي ڳالهيون

راولپنڊي ( م ڊ ) ڪي پي جي وڏي وزير عمران خان سان جيل ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ التوا واري ڪيسن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،  راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان سان ملاقات ڪئي.علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ باني سان هڪ ڪلاڪ تائين ملاقات ڪئي ۽ اها ملاقات جيل جي ڪانفرنس روم ۾ ٿي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ پارٽي معاملن ۽ صوبي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ گذريل ڏينهن ٿيل ريلي ۽ ملڪ جي سياسي صورتحال سميت التوا واري ڪيسن تي به غور ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.