ڪراچي جي واپارين جو ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو مطالبو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي واپارين طرفان سنڌ حڪومت کان ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ڪراچي  جي واپارين سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ کان ڌاڙيلن خلاف آپريشن شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي وقتي صدر الطاف غفار جو چوڻ آهي ته سنڌ جي سمورن شاهراهن تي ڏوهارين جو راڄ آهي، قتل، اغوا، ڀتا خوري، پئسن لاءِ اغوا ۽ ڦرلٽ سميت ڏوهي سرگرميون وڌڻ تي ڳڻتي آهي، هن جو چوڻ هو ته  سج لهڻ کانپوءِ سنڌ جي شاهراهن تي گذرڻ تقريبن ناممڪن ٿي ويو آهي، لاقانونيت جي ڪري مال بردار گاڏيون سامان کڻي اچڻ لاءِ انڪار ڪري ڇڏين ٿيون، الطاف غفار جو چوڻ هو ته ڏوهاري سپر هاءِ وي، نيشنل هاءِ وي ۽ انڊس هاءِ وي تي مقرر جڳهين تي ڦرلٽ ڪن ٿا، سنڌ جي ڪچي جي علائقن تائين محدود ڏوهي سرگرميون هاڻ شاهراهن تائين وڌي ويون آهن، واپارين جي لاءِ سامان جي پهچ مٿي جو سور بڻجي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.