آصفه بي بي جي ڪاميابي کي تڪراري بڻايو پيو وڃي:ناصر شاهه

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي توانائي، ترقي ۽ رٿابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ٻهراڙي، جابلو ۽ ريگستاني علائقن جا پٺتي  پيل خاندان اڃا تائين هر قسم جي بجلي کان محروم آهن، انهن سمورن علائقن جي گهرن کي سولر پينل لڳائي انهن جي گهرن کي روشن ڪيو ويندو. سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي سولر پارڪ ٺاهڻ جو پڻ منصوبو آهي، جنهن مان ڪراچي ويجهو لڳل سولر پارڪ مان پيدا ٿيندڙ 50 ميگا واٽ بجلي ڪي اليڪٽرڪ کي ڏني ويندي ته جيئن گهٽ يونٽ استعمال ڪندڙ صارفين کي سهولت ڏئي سگهجي. اهڙي ريت حيسڪو ۽ سيپڪو ذريعي لاڳاپيل علائقن جي عوام کي بجلي جون سهولتون پڻ فراهم ڪيون وينديون. ڪچري مان بجلي پيدا ڪرڻ تي گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي ۽ ان تي جلد عمل ڪيو ويندو. ناصر شاهه چيو ته ايندڙ بجيٽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي منشور جي 10 نقاطي ايجنڊا تحت تيار ڪئي پئي وڃي. ۽ ان تحت سولرائيزيشن ذريعي عوام کي 300 يونٽ مفت بجلي فراهم ڪئي ويندي. اسان کي وفاق ۾ مينڊيٽ نه ملي سگهيو آهي تنهنڪري سنڌ ۾ اهو ڪم جاري رکنداسين،هن چيو ته آصفه بي بي جي ڪاميابي کي ڄاڻي واڻي تڪراري بڻايو پيو وڃي جڏهن ته آصف علي زرداري هن سيٽ تان هڪ لک 140 هزار ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي. اها سٺي ڳالهه آهي ته فيصل واوڊا چونڊجي ويو. حافظ نعيم کي به اسيمبلي ۾ اچڻ گهرجي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.