حضرت علي جي شهادت ڏهاڙي تي ڪراچي ۾ ماتمي جلوس نڪتا

ڪراچي(نمائندا+م ڊ)  حضرت علي  عليه  سلام  جي شهادت جو  ڏينهن سومر تي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ عقيدت احترام سان   ملهايو ويو، سڄي ملڪ ۾ مجلسون ٿيو ۽ ماتمي  جلسو بر آمد ٿيا، ڪراچي ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهه جي شهادت  جي ڏينهن  جي حوالي سان ضمير الحسن ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ مرڪزي مجلس شهادت حضرت علي 21 رمضان سومر تي صبح 12 وڳي نشتر پارڪ  ۾ ٿي، جنهن ۾ سوز خانه سلام کان پوءِ علامه ريحان حيدر رضوي مجلس کي خطاب ڪيو، مجلس کان پوءِ جلوس، علم ۽ تابوت ۽ ذوالجناح بر آمد جلوس جي قيادت بوتراب اسڪائوٽس ڪئي، جلوس ۾ شريڪ محفل شاهه خراسان  نمائش چورنگي کان ايم اي جناح روڊ پهتا، جتي  ظهرين نماز جماعت سان پڙهي وئي. مظاهري کان پوءِ جلوس پنهنجي روايت رستن، ايم اي جناح روڊ، سي بريز ، صدر دواخانه، منسلفيلڊ اسٽريٽ، ريگل چوڪ، پريڊي ، ٻيهر ايم اي جناح روڊ، بولٽن مارڪيٽ، ڀٽي  بازار، خارا در، نواب محبت خانجي روڊ کان ٿيندو، حسينه  ايرانيه امام بارگاهه کارا در  تي ختم ٿيو، يوم علي جي جلسو لاءِ سڄي ڪراچي ۾ فول پروف سيڪيورٽي جي انتظاميا ڪيا ويا، گهرو وزير ضيا الحسن لنجار يوم علي جي مرڪزي جلوس ۾ شريڪ ٿيو، گهرو وزير سان گڏ ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد، آٰءِ جي سنڌ به گڏ هو، گهرو وزير مرڪزي جلوس جي سيڪيورٽي جو جائزو ورتو، گهرو وزير جي جلوس جي سيڪيورٽي فول پروف بڻائڻ جي هدايت ڪئي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.