فواد چوڌري جي ضمانت منظور، آزادي جو حڪم

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري فواد چوڌري جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، وڪيل قيصر امام  جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت فواد چوڌري جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. فواد چوڌري جي ضمانت تي سندس ڀاءُ فيصل چوڌري چيو آهي ته خدشو آهي ته فواد چوڌري کي ڪنهن ٻئي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويندو، اميد آهي ته عدالتون کيس غير قانوني گرفتاري کان بچائينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.