اسلام آباد ( م ڊ ) نيپرا بجلي 2 رپيا 75 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بجلي هلندڙ سال جي ٻئي ٽئي ماهي ايڊجسمينٽ جي مد ۾ مهانگي ڪئي وئي آهي، نوٽيفڪيشن موجب صارفين کان اضافي وصوليون اپريل، مئي ۽ جون ۾ ڪئي ويندي، بجلي جي قيمت ۾ ڪيل واڌ ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي به لاڳو ٿيندو، اضافي سان صارفين تي 85 ارب 20 ڪروڙ رپين جو اضافي بار پوندو،