توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي سزا معطل، آزادي جو حڪم

اسلام آباد (م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي سزا معطل ڪندي کيس ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ ان جي  گهر واري بشريٰ بي بي جي خلاف توشه خانه ڪيس ۾ سزا معطلي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ عمران خان طرفان بيرسٽر علي ظفر دليل ڏنا.ٻڌڻي دوران عدات پڇيو ته ڇا اڄ اپيل ٻڌڻي جي لاءِ مقرر آهي؟ اپيل شروع نه ڪنداسين جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته سزا معطلي تي دليل ڏئي ڇڏيو. جنهن تي علي ظفر چيو ته اسان سزا معطلي جي بجاءِ مرڪزي اپيل تي دليل ڏينداسين.چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته توشه خانه ڪيس اڄ ٻڌي سڀاڻي ٻڌڻي جي لاءِ نٿا رکي سگهون. سائفر ڪيس ۾ ايف آءِ اي جا دليل شروع ٿيڻ وارا آهن. اسان کي خبر نه آهي ته اهي ڪيترو وقت وٺندا. اسان توشه خانه ڪيس کي عيد کان پوءِ مقرر ڪري ٿا ڇڌيون.ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته فيصلي جو جائزو ورتو آهي اهو سزا معطلي جو ڪيس آهي جنهن تي عدالت چيو ته اهو نيب جو وڏو تعريف جوڳو موقف آهي. جنهن کان پوءِ عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي توشه خانا ڪيس ۾ سزا معطل ڪري ڇڏي ۽ ٻنهي کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته سزا جي خلاف اپيل عيد کان پوءِ مقرر ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.