فيض آباد ڌرڻي ۾ ملوث اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه جا ڪردار به ڪٽهڙي ۾ آڻيو: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ جي سينئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ڪهڙي ڳالهه جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو ويو آهي؟  فيض آباد ڌرڻي ۾ ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه شامل هئي، فيض آباد ڌرڻي وقت ۾ مان پنجاب جو  قانون وارو وزير هئس، نوٽيس مليو ته هر ڳالهه جو جواب ڏيندس، فيض آباد ڌرڻي جو معاملو به سامهون اچڻ گهرجي، هن چيو ته فيض آباد ڌرڻي ۾ شامل اسٽيبلشمينٽ، عدليه ۽ سياسي جماعت کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو، نوازشريف کي سزائون ڏيارڻ ۾ چور ۽ چوڪيدار ملوث هئا،عمران خان ته ايجنسين جي ڪردار جي ساراهه ڪندو هو، عمران خان جو سياسي وجود مڃڻ لاءِ تيار ناهيان،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.