ملتان(پ ر)عظيم مارڪسي دانشور، ليکڪ، ڊراما نگار، نقاد، فلسفي، قانوندان،پاڪ هند جي پهرين جنگ 1948ع جي پانڊو پهاڙي معرڪي جي فاتح، اڳوڻي ميجر (ملٽري ڪراس) هشت نگر ( چارسده)هاري تحريڪ جي هيرو ۽ پاڪستان مزدور ڪسان پارٽي جي باني ميجر اسحاق محمد جي 42هين ورسي ڪميونسٽ مزدور ڪسان پارٽي جي اهتمام هيٺ محفوظ خان شجاعت جي صدارت ۾ اڄ ٻي اپريل تي اسحاق نگر،664 گ ب جڙانوالا ضلعي فيصل آباد ۾ 9 وڳي صبح منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ سڄي ملڪ جا آبادگار، هاري مزدور، شاگرد،وڪيل، کاٻي ڌر جا ترقي پسند اديب پروفيسر،دانشور۽ اداڪار وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيندا، شاعر نذرانه عقيدت پيش ڪندا، جڏهن ته سنگت گروپ آف آرٽيس ڊراميٽڪ سوسائٽي پاران ميڊم هما صفدر ۽ شفقت حسين جي ٽيم نجم الحسين سيد جو لکيل اسٽيج ڊرامو پيش ڪندا، تقريب کي عبدالباقي بلوچ، عمراع خان،زين افغاني، پرويز مجيد ايڊووڪيٽ،اعظم شاهين، ڊاڪٽر مصدق حسين،محفوظ خان شجاعت ۽ ٻيا خطاب ڪندا